7 يقيناً آءٌ گھڻو پري نڪري وڃان ها، ۽ بيابان ۾ پنهنجو گھر ڪري وڃي رهان ها.
7 پوءِ جيڪر آءٌ گهڻو پري نڪري وڃان ها، ۽ بيابان ۾ وڃي رهان ها.
سو دائود پنهنجي سڀني عملدارن، جيڪي ساڻس گڏ يروشلم ۾ هئا، تن کي چيو تہ ”هلو تہ ڀڄي هلون، نہ تہ اسان مان ڪوبہ ابيسلوم کان ڀڄي ڪين سگھندو. جلدي ڪري نڪري هلو، متان هو تڪڙو اچي اسان تي ڪڙڪي ۽ اسان تي مصيبت آڻي ۽ شهر تي حملو ڪري سڀني کي ناس ڪري ڇڏي.“
تڏهن آءٌ يروشلم مان نڪري بنيامين جي علائقي ۾ وڃڻ وارو هئس، انهيءَ لاءِ تہ اتي مائٽن وٽ جيڪو منهنجي ملڪيت جو حصو هو سو انهن کان وٺان،
ڪاش! منهنجي اندر ۾ لڙڪن جو کوهہ هجي ها، ۽ منهنجيون اکيون ڳوڙهن جو چشمو هجن ها. انهيءَ لاءِ تہ آءٌ رات ڏينهن پنهنجي قوم جي ڪوس تي روئندو رهان ها.
ڪاش! بيابان ۾ منهنجي لاءِ ڪو مسافرخانو هجي ها، تہ جيئن آءٌ پنهنجي قوم کي ڇڏي کانئن پري وڃي اتي رهان ها، ڇاڪاڻ تہ اُهي سڀ خدا سان بيوفائي ڪندڙ ۽ دغابازن جو ٽولو آهن.
پوءِ دائود سوچڻ لڳو تہ ”ڪنهن نہ ڪنهن ڏينهن آءٌ سائول جي هٿان ماريو ويندس. سو منهنجي لاءِ انهيءَ کان بهتر ٻي ڳالهہ ڪانهي تہ آءٌ فلستين جي ملڪ ڏانهن هليو وڃان. پوءِ هو نااميد ٿي مون کي اسرائيل جي سرحدن ۾ وري نہ ڳوليندو. اهڙيءَ طرح آءٌ سندس هٿان بچي ويندس.“