6 ڪاش! مون کي ڪبوتر وانگر پر هجن ها، پوءِ جيڪر آءٌ پري اڏامي وڃي سڪون سان رهان ها.
6 مون چيو تہ شل مون کي ڪبوتر جهڙا کنڀ هجن ها، تہ جيڪر اُڏامي وڃي آرام ڪريان ها.
آءٌ خداوند جي پناهہ ۾ آهيان، پوءِ اوهين مون کي هيئن ڇو ٿا چئو تہ ”تون پکيءَ وانگر جبل تي اڏامي وڃ.“
جيڪڏهن آءٌ پاڻ کي پر لڳائي اوڀر وڃان توڙي اولهہ، توڙي سمنڊ جي تمام اونهاين ۾ وڃي رهان،
سو هاڻ تہ منهنجو مٿو ئي ڦري ويو آهي، خوف مون کي ڪنبائي ڇڏيو آهي. شام جو سڪون، جنهن لاءِ آءٌ سڪندو رهندو هئس، سو بدلجي منهنجي لاءِ دهشت ٿي پيو آهي.
پر عورت کي وڏي عقاب جي پرن جهڙا ٻہ پر ڏنا ويا، تہ جيئن هوءَ اڏامي بيابان ۾ انهيءَ جاءِ تي پهچي وڃي، جيڪا هن لاءِ تيار ڪئي ويئي هئي. اتي انهن ساڍن ٽن سالن تائين انهيءَ ازدها کان محفوظ رکندي سندس سار سنڀال ٿيڻي هئي.