Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




زبور 55:5 - Muslim Sindhi Bible

5 مون تي خوف اچي پيو آهي ۽ ڏڪڻي وٺي ويئي اٿم. هيبت اچي مون تي غالب پيئي آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

5 خوف ۽ ڏڪڻي مون تي اچي پيئي آهي، ۽ هيبت مون تي غالب پيئي آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




زبور 55:5
12 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

سو دائود پنهنجي سڀني عملدارن، جيڪي ساڻس گڏ يروشلم ۾ هئا، تن کي چيو تہ ”هلو تہ ڀڄي هلون، نہ تہ اسان مان ڪوبہ ابي‌سلوم کان ڀڄي ڪين سگھندو. جلدي ڪري نڪري هلو، متان هو تڪڙو اچي اسان تي ڪڙڪي ۽ اسان تي مصيبت آڻي ۽ شهر تي حملو ڪري سڀني کي ناس ڪري ڇڏي.“


جڏهن آءٌ پنهنجي حال تي ويچار ٿو ڪريان، تڏهن پريشان ٿي وڃان ٿو، ۽ خوف وچان منهنجي بدن کي ڏڪڻي وٺيو ٿي وڃي.


قادرِمطلق خدا مصيبتن جا تير منهنجي اندر ۾ چڀائي ڇڏيا آهن، جن جو زهر منهنجي پوريءَ جان ۾ ڦهلجي ويو آهي. هائو، خدا جون ڊيڄاريندڙ ڳالهيون منهنجي خلاف صفون ٻڌي ٿيون بيهن.


اي خداوند! تنهنجي خوف کان منهنجا لڱ ڪانڊارجن ٿا، آءٌ تنهنجي فيصلن کان ڊڄندو رهان ٿو.


پوءِ مون پنهنجي انهيءَ مصيبت ۾ خداوند پنهنجي خدا کي مدد لاءِ پڪاريو هو، منهنجي انهيءَ آواز کي هن پنهنجي مقدس جاءِ ۾ ٻڌو، ائين منهنجو فرياد هن جي ڪنن تائين وڃي پهتو.


هاڻ آءٌ جلاوطنيءَ ۾ دلگير ٿي پيو آهيان، سو آءٌ خدا کي ياد ڪريان ٿو. هائو، جڏهن آءٌ حرمون ۽ مصفار جبلن تي، بلڪ اردن جي پوري علائقي ۾ سندس حضور ۾ ٿي رهيس، تنهن کي آءٌ ياد ٿو ڪريان.


ڌرتيءَ جي ڇيڙي تي آءٌ ڏاڍو دلگير ٿي پيو آهيان، اتان آءٌ تو کي پڪاريان ٿو. تون مون کي انهيءَ مٿاهين ٽڪر تي پناهہ ڏي، جيڪو منهنجي پهچ کان مٿي آهي.


سو هاڻ تہ منهنجو مٿو ئي ڦري ويو آهي، خوف مون کي ڪنبائي ڇڏيو آهي. شام جو سڪون، جنهن لاءِ آءٌ سڪندو رهندو هئس، سو بدلجي منهنجي لاءِ دهشت ٿي پيو آهي.


جيئن تہ هو ڏاڍو پريشان هو تنهنڪري هو اڃا بہ وڌيڪ جوش سان دعا گھرڻ لڳو، جو سندس پگھر رت جي ڦڙن وانگر زمين تي ڪري رهيو هو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ