Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




زبور 55:4 - Muslim Sindhi Bible

4 منهنجي دل بيحد پريشان ٿي رهي، بلڪ موت جي دهشت مون کي وڪوڙي ڇڏيو آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

4 منهنجيءَ دل ۾ ڏاڍو ڏک آهي: ۽ موت جو ڊپ مون کي ويڙهي ويو آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




زبور 55:4
14 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

شمعيءَ لعنت وجھندي هيئن ٿي چيو تہ ”اي خوني! اي خبيث! نڪري وڃ، نڪري وڃ.


مون کي موت جي رسين ويڙهي ڇڏيو هو، ۽ قبر جي هيبت اچي ورتو هئم. هائو، آءٌ ڏک ۾ گرفتار ٿي ويو هئس، ۽ دهشتن مون کي گھيري ڇڏيو هو.


منهنجي هڏين ۾ ڄڻ تير ٿا چڀن، ڇاڪاڻ تہ منهنجا دشمن هر وقت مون کي طعنا هڻندي چون ٿا تہ ”تنهنجو خدا آهي ڪٿي؟“


منهنجي جان بہ بلڪل بي‌چين ٿي ويئي آهي. سو اي خداوند! منهنجي مدد ڪرڻ واسطي تون مون کي ڪيستائين ترسائيندين؟


مهڻن منهنجي دل ڀڃي وڌي آهي، ۽ آءٌ ڏاڍو غمگين ٿي پيو آهيان. مون واجھايو پئي تہ من ڪنهن کي ڪهل پوي، پر اهڙو ڪوبہ ڪونہ هو. مون ڏٺو پئي تہ من ڪو مون کي دلاسو ڏئي، پر اهڙو ڪوبہ ڪونہ مليو.


انهيءَ سبب جو منهنجي جان ڏکن سان ڀرجي ويئي آهي، ۽ منهنجي حياتي قبر کي ويجھو پوندي ٿي وڃي.


پوءِ عيسيٰ چوڻ لڳو تہ ”منهنجي دل ڏکويل آهي، هاڻي آءٌ ڇا چوان؟ ڇا آءٌ ائين چوان تہ ’اي بابا! مون کي هن گھڙيءَ کان بچاءِ‘؟ پر هن گھڙيءَ لاءِ ئي تہ آءٌ آيو آهيان.


عيسيٰ پنهنجي جسماني زندگيءَ ۾ زاروزار روئي ۽ دانهون ڪري خدا کان دعائون گھريون ۽ منٿون ڪيون، جيڪو کيس موت کان بچائي ٿي سگھيو. انهيءَ ادب واري تابعداريءَ جي ڪري سندس دعائون قبول پيون.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ