Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




زبور 55:2 - Muslim Sindhi Bible

2 تون مون ڏانهن ڌيان ڏي ۽ منهنجي مدد ڪر. آءٌ غم سهندي سهندي بيقرار ٿي ڪنجھان پيو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

2 مون ڏانهن ڌيان ڏي، ۽ مون کي جواب ڏي: آءٌ پنهنجي غم ۾ بي آرام آهيان، ۽ ڪنجهان پيو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




زبور 55:2
12 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

اي خداوند! حق وارو عرض ٻڌ ۽ منهنجي دانهن تي ڌيان ڏي. منهنجي اها دعا ڪن ڏيئي ٻڌ جيڪا بي‌ريا چپن مان ٿي نڪري.


اي خداوند! مون بہ جيستائين تو آڏو پنهنجيون خطائون نہ باسيون، تيستائين سڄو سڄو ڏينهن دانهون ڪندي آءٌ ايترو تہ ڪمزور ٿي ويس، جو ڄڻ منهنجيون هڏيون بہ ڳري ويون.


آءٌ ڪٻڙو ٿي ويو آهيان ۽ ڏاڍو جھڪي پيو آهيان. منهنجو سڄو ڏينهن روئندي روئندي پيو گذري.


ڇاڪاڻ تہ اي خدا! تون ئي منهنجو محافظ آهين. پوءِ تو مون کي ڇو ڇڏي ڏنو آهي؟ ڇو آءٌ پنهنجي دشمنن جي ظلم ڪري روئندو رڙندو پيو وتان؟


اي خدا! منهنجو فرياد ٻڌ. تون مون کي خوفناڪ دشمنن کان محفوظ رک.


مگر خدا سچ پچ منهنجي ٻڌي آهي، ۽ منهنجي دعا واري آواز تي ڌيان ڏنو اٿائين.


توڙي جو آءٌ خدا کي ياد ڪري سوچ ويچار ڪريان ٿو، تڏهن بہ آءٌ آهون ڀريان ٿو ۽ ماندو ٿيو پوان.


آءٌ ابابيلن ۽ ڪنگن جهڙي جھيڻي آواز ۾ رڙندو ٿي رهيس، مون ڳيري وانگر اوسارا پئي ڪڍيا. منهنجيون اکيون عرش ڏانهن نهاري نهاري ساڻيون ٿي پيون هيون. سو مون چيو تہ ’اي خداوند! آءٌ ستايل آهيان، تون اچي منهنجو ساڻي ٿيءُ.


اسين سڀ پريشانيءَ وچان رڇن وانگر روڙون ٿا ڪريون، ۽ ڳيرن وانگر اوساريون ٿا. اسين انصاف جي واٽ ڳوليون ٿا، پر اها نہ ٿي لڀي. اسين انتظار ۾ آهيون تہ اسان کي بچايو وڃي، پر اسان جو بچاءُ اسان کان دور آهي.


تون منهنجيون دانهون ٻڌڻ کان پنهنجو منهن نہ موڙ، پر اچي منهنجي مدد ڪر ۽ مون کي بچاءِ.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ