16 پر آءٌ مدد جي لاءِ خداوند پنهنجي خدا کي پڪاريندس، ۽ اهو ئي مون کي بچائيندو.
16 پر آءٌ تہ خدا کي پڪاريندس: ۽ خداوند مون کي بچائيندو.
هو منهنجي پيار جي عيوض ۾ مون تي تهمتون ٿا هڻن، توڙي جو آءٌ هنن جي لاءِ دعائون گھرندو ٿي رهيس.
اوهين مصيبت جي ڏينهن تي مون کي پڪارجو، آءٌ ئي اوهان کي ڇڏائيندس تڏهن اوهين منهنجي واکاڻ ڪندا.“
پر مون لاءِ اهو چڱو آهي جو آءٌ تو کي ويجھو ٿيان. تو خداوند خدا کي ئي مون پنهنجي پناهہ بڻايو آهي، تانتہ آءٌ تنهنجي سڀني ڪيل ڪمن جو بيان ڪريان.
جڏهن هو مون کي پڪاريندا تہ آءٌ هنن جي ٻڌندس. آءٌ سندن مصيبت ۾ ساڻي ٿيندس، آءٌ کين ڇڏائيندس ۽ عزت بخشيندس.
اهڙيءَ طرح هو پنهنجي مال ملڪيت سميت جيئري ئي وڃي قبر داخل ٿيا. پوءِ زمين انهن جي مٿان هڪ ٿي ويئي ۽ هو قوم مان ناس ٿي ويا.