Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




زبور 55:12 - Muslim Sindhi Bible

12 جيڪڏهن منهنجو ڪو دشمن مون کي طعنا هڻي ها، تہ هوند آءٌ اهي بہ برداشت ڪري وڃان ها. جيڪڏهن منهنجو ڪو مخالف مون سان ڪا گستاخي ڪري ها، تڏهن بہ جيڪر آءٌ انهيءَ کان پاڻ کي لڪائي ڇڏيان ها.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

12 جنهن مون کي طعنا هنيا سو دشمن ڪونہ هو: هوند آءٌ اهو سهي وڃان ها: ۽ جنهن پاڻ کي منهنجي برخلاف پڏايو تنهن کي مون سان دشمني ڪانہ هئي؛ هوند ۽ آءٌ پاڻ کي انهي کان لڪايان ها.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




زبور 55:12
7 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

منهنجي مصيبت جي ڪري جيڪي خوشيون ٿا ملهائين، شل سي سڀ جو سڀ خوار خراب ۽ پريشان ٿين! هائو، منهنجي خلاف جيڪي پاڻ کي پڏائين ٿا، سي شل ذليل وَ خوار ٿين!


منهنجو عرض آهي تہ ”شل ائين نہ ٿئي جو دشمن مون تي خوشيون ملهائين، ۽ جڏهن منهنجو پير ترڪي پئي تڏهن هو پاڻ کي پڏائين.“


منهنجو اهو گَهرو دوست پڻ، جنهن تي منهنجو ڀروسو هو، ۽ جنهن منهنجو نمڪ کاڌو هو سو بہ منهنجي خلاف ٿيو آهي.


پر خداوند هن جي باري ۾ فرمائي ٿو تہ ”ڇا ڪهاڙي انهيءَ ماڻهوءَ اڳيان ٻٽاڪ هڻي ٿي سگھي، جيڪو ان کي هٿ ۾ کڻي استعمال ٿو ڪري؟ يا ڪارائي انهيءَ سان وڏائي ڪري ٿي سگھي، جيڪو ان کي هٿ ۾ کڻي هلائي ٿو؟ ڀلا لٺ پنهنجي کڻڻ واري کي ڪيئن ٿي لوڏي سگھي؟ يا لڪڻ ماڻهوءَ کي ڪيئن ٿو کڻي سگھي؟“


”آءٌ اوهان سڀني بابت نہ ٿو ڳالهايان. جن کي مون چونڊيو آهي تن کي آءٌ ڄاڻان ٿو. پر اهو انهيءَ لاءِ آهي تہ پاڪ ڪلام جي اها لکت پوري ٿئي تہ ’جيڪو منهنجو نمڪ کائي ٿو، سو ئي منهنجي خلاف ٿيو آهي.‘


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ