Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




زبور 53:1 - Muslim Sindhi Bible

1 اهي احمق هوندا جيڪي پنهنجيءَ دل ۾ چون ٿا تہ ”خدا تہ آهي ئي ڪونہ.“ اهڙا ماڻهو بڇڙا آهن ۽ ڪراهت جهڙا ڪم ڪن ٿا. منجھن اهڙو ڪوبہ ڪونهي جيڪو نيڪي ڪري.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

1 بيوقوف پنهنجي دل ۾ چيو آهي تہ خدا ڪونهي. اُهي بگڙي ويا آهن، اُنهن ڪراهت جهڙي برائي ڪئي آهي؛ نيڪي ڪندڙ ڪوبہ ڪونهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




زبور 53:1
24 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

پوءِ يربعام پنهنجيءَ دل ۾ چيو تہ ”هاڻي بادشاهي گھڻو ڪري وري دائود جي گھراڻي ڏانهن موٽي ويندي.


سڀ کان بدترين ڳالهہ هيءَ هئي تہ ڪي مرد انهن پوڄا گھرن ۾ بدفعلي ڪرڻ لاءِ موجود رهندا هئا. يهوداہ وارا بہ اهي ساڳيا ئي بي‌حيائيءَ وارا ڪم ڪرڻ لڳا، جيڪي اهي ماڻهو ڪندا هئا جن کي خداوند بني اسرائيل جي اچڻ وقت هڪالي ڪڍي ڇڏيو هو.


جهڙيءَ طرح ناپاڪ شيءِ منجھان پاڪ شيءِ نہ ٿي ڪڍي سگھجي، تهڙيءَ طرح ناپاڪ انسان مان ڪا پاڪ شيءِ ڪيئن ٿي نڪري سگھي؟


تہ پوءِ ڀلا ڪراهت جهڙن، ۽ خراب انسانن جو ڪهڙو ذڪر ڪجي، جيڪي گناهہ کي پاڻيءَ وانگر پي وڃن ٿا.“


اهي بدڪار دل ۾ هيئن ٿا چون تہ ”خدا کي ڪو فڪر ئي ناهي، هن اکيون بند ڪيون آهن، سو اسان ڏانهن ڪين ٿو ڏسي.“


اي خدا! ائين ڇو آهي جو بدڪار ماڻهو تنهنجي حقارت ٿا ڪن؟ ائين ڇو آهي جو هو پنهنجيءَ دل ۾ سمجھن ٿا تہ تون کانئن بدلو ڪين وٺندين؟


بڇڙا غرور منجھان چون ٿا تہ ”خداوند انتقام نہ وٺندو،“ اهو سراسر سندن خيال آهي تہ ”خدا بلڪل ئي ڪين آهي.“


هو پنهنجيءَ دل ۾ سمجھن ٿا تہ ”اسان کي ڪو لوڏو ڪين ايندو. سڀني پيڙهين تائين اسان تي ڪڏهن بہ مصيبت ڪانہ ايندي.“


اي خداوند! اي منهنجا خدا! تون منهنجو بچائيندڙ آهين، ڏينهن رات آءٌ تنهنجي حضور ۾ دانهون ٿو ڪريان.


هڪڙي ڳالهہ آهي جيڪا بي‌وقوف ماڻهو نہ ٿا ڄاڻن، هائو، جاهل ماڻهو هيءَ ڳالهہ سمجھي نہ ٿا سگھن تہ


تون نہ رڳو انهن جي راهہ تي هلي آهين ۽ نہ فقط انهن جهڙا بڇڙا ڪم ڪيا اٿيئي، بلڪ تو تہ پنهنجي سڀني ڪمن ۾ هنن کان بہ وڌيڪ بڇڙائي ڪري کانئن گوءِ کڻي ويئي آهين.


سامريہ جي وسنديءَ تہ تنهنجي گناهن جي اڌ جيترا بہ گناهہ نہ ڪيا هئا. تون ڪراهت جي ڪمن ڪرڻ ۾ انهن ٻنهي کان گوءِ کڻي ويئي آهين. تنهنجي بڇڙن ڪمن جي ڀيٽ ۾ تنهنجي ٻنهي ڀينرن ڄڻ تہ ڪجھہ ڪيو ئي نہ هو.


پر آءٌ اوهان کي چوان ٿو تہ جيڪو پنهنجي هم‌ايمان ڀاءُ ڀيڻ سان ڪاوڙيل رهي ٿو سو بہ ڏوهاري قرار ڏنو ويندو. جيڪو ڪنهن ٻئي کي ’اي چريا!‘ ڪري سڏي ٿو، سو ڪائونسل واري عدالت ۾ ڏوهاري قرار ڏنو ويندو ۽ جيڪو ڪنهن کي چوندو تہ ’اي ڪافر!‘ سو دوزخ جي باهہ ۾ پوڻ جي لائق ٿيندو.


پر خدا چيس تہ ’اي بي‌وقوف! اڄوڪي رات ئي تنهنجي جان ورتي ويندي، پوءِ جيڪي گڏ ڪري رکيو اٿيئي سو ڪنهن جو ٿيندو؟‘“


پر هنن خدا کي سڃاڻڻ جي باوجود سندس لائق وڏائي بيان نہ ڪئي، نڪي سندس شڪرگذاري ڪيائون، بلڪ اجاين خيالن ۾ پئجي ويا ۽ سندن بي‌عقل دماغن تي اوندهہ ڇانئجي ويئي.


جهڙيءَ طرح هنن خدا کي مڃڻ کان منهن موڙيو، تهڙيءَ طرح خدا بہ کين گندي سوچ ۾ ڇڏي ڏنو، تہ ڀلي وڃي نالائقيءَ وارا ڪم ڪن.


ڇاڪاڻ تہ جيڪي ڪم نافرمان ڳُجھہ‌ڳوهہ ۾ ڪن ٿا، تن جو ذڪر ڪرڻ بہ شرم جهڙي ڳالهہ آهي.


خبردار! اوهين خداوند پنهنجي خدا جي عبادت ائين نہ ڪجو، جيئن هو پنهنجن معبودن جي پوڄا ڪندا آهن، ڇاڪاڻ تہ انهن پنهنجي معبودن لاءِ هر اهو ڪراهت جهڙو ڪم ڪيو آهي، جنهن کان خدا کي نفرت آهي. ايتري قدر جو انهن پنهنجي معبودن جي نالي تي پنهنجن پٽن ۽ ڌيئرن کي بہ ساڙيو آهي.


گذريل وقت ۾ اوهان بہ غير ايمان وارن جي مرضيءَ موجب جيڪا هلت ڪئي، يعني شهوت‌پرستيءَ، برين خواهشن، شراب‌خوريءَ، عياشيءَ، بداخلاقيءَ واري نچڻ ڳائڻ ۽ ڪراهت جهڙي بت‌پرستيءَ ۾ گذاريو، سو ئي ڪافي آهي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ