Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




زبور 52:9 - Muslim Sindhi Bible

9 اي خدا! تو جيڪي ڪجھہ ڪيو آهي، تنهن لاءِ آءٌ تنهنجو سدائين شڪرگذار رهندس. آءٌ تنهنجي نيڪ بندن جي اڳيان تنهنجي چڱي نالي جي تعريف پيو ڪندس.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

9 آءٌ هميشہ تنهنجو شڪرگذار رهندس، ڇو جو تو ائين ڪيو آهي: آءٌ تنهنجي پاڪ بندن جي اڳيان تنهنجي نالي جو منتظر رهندس ڇالاءِ جو اُهو چڱو آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




زبور 52:9
17 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

هو انهن جي اڳيان پنهنجي گھڻيءَ دولت، گھڻي اولاد جو ذڪر ڪندي ۽ اهي سڀ ڳالهيون ڪندي ڊاڙون هڻڻ لڳو، جن جي ڪري شهنشاهہ سندس عزت وڌائي هئي ۽ کيس ٻين اميرن ۽ عملدارن کان مٿاهون بڻايو هئائين.


جيستائين آءٌ جيئرو رهندس، تيستائين خداوند جي واکاڻ پيو ڪندس. جيستائين منهنجي حياتي هوندي، تيستائين آءٌ خدا جي واکاڻ پيو ڳائيندس.


اوهين خداوند تي توڪل رکو، پختا ٿيو ۽ همت نہ هاريو. هائو، اوهين خداوند تي ئي پنهنجي توڪل رکو.


تان‌تہ آءٌ دل وَ جان سان تنهنجي تعريف ڳائيندو رهان. اي خداوند، منهنجا خدا! آءٌ هميشہ هميشہ تنهنجو شڪر پيو ڪندس.


مون صبر ڪندي خداوند تي پنهنجي آس رکي، تڏهن هو مون ڏانهن مائل ٿيو ۽ منهنجي دانهن ٻُڌائين.


اي خداوند! آءٌ تنهنجي حضور خوشيءَ جي قرباني پيش ڪندس. آءٌ تنهنجي نالي جو شڪرانو بجا آڻيندس، ڇوجو تون ڀلو آهين.


آءٌ رڳو خدا ۾ ئي صبر سان آس رکان ٿو، ڇاڪاڻ تہ اهو ئي منهنجي حفاظت ڪري ٿو.


آءٌ رڳو خدا ۾ ئي صبر سان آس رکان ٿو، هائو، انهيءَ ۾ ئي منهنجي اميد آهي.


پر مون لاءِ اهو چڱو آهي جو آءٌ تو کي ويجھو ٿيان. تو خداوند خدا کي ئي مون پنهنجي پناهہ بڻايو آهي، تان‌تہ آءٌ تنهنجي سڀني ڪيل ڪمن جو بيان ڪريان.


خداوند هڪ مضبوط قلعو آهي، سچار ماڻهو ڀڄي وڃي انهيءَ ۾ پناهہ وٺي ٿو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ