اي يروشلم جي وسندي! تنهنجي خاطر آءٌ ماٺ ڪري نہ ويهندس. هائو، تنهنجي خاطر آءٌ آرام نہ ڪندس، جيستائين تنهنجي خوشحالي روشنيءَ وانگر ظاهر نہ ٿيندي، ۽ تنهنجي بحالي روشن مشعل وانگر ڏسڻ ۾ نہ اچي.
خداوند فرمائي ٿو تہ ”اي يهوداہ وارؤ! اوهين جيڪي يروشلم جي برباديءَ وقت موت کان بچي پري پري نڪري ويا هئا، سي بابل مان نڪري وڃو، دير نہ ڪريو. اوهين مون خداوند کي ياد رکو ۽ يروشلم کي نہ وساريو.
ڇا خداوند هزارين گھيٽن يا زيتون جي تيل جون نديون پيش ڪرڻ سان اسان تي راضي ٿيندو؟ ڇا اسين پنهنجي گناهن جي عيوض پنهنجا پهريتا ٻار سندس آڏو پيش ڪريون، جيڪي اسان کي پنهنجيءَ جان کان بہ وڌيڪ پيارا آهن؟“
انهيءَ ڪري اسين هميشہ اوهان لاءِ دعا گھرندا رهندا آهيون، تہ شل اسان جو خدا اوهان کي اهڙي زندگيءَ جي لائق قرار ڏئي جنهن لاءِ اوهان کي سڏيو ويو آهي. شل هو اوهان جي هر نيڪ خواهش ۽ جيڪو ڪم ايمان سان ڪريو ٿا تنهن کي پنهنجي قدرت سان پورو ڪري.