Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




زبور 51:16 - Muslim Sindhi Bible

16 تون نہ ڪنهن نذراني کان نڪي ساڙڻ واري قرباني پيش ڪرڻ کان خوش ٿو ٿئين، نہ تہ آءٌ اهي ئي پيش ڪريان.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

16 ڇو جو تون قربانيءَ مان خوش نٿو ٿين، نہ تہ آءٌ اها پيش ڪريان: سوختني قربانيءَ ۾ بہ توکي خوشي ڪانهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




زبور 51:16
19 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

تہ پوءِ تو ڇو مون خداوند جي فرمان کي خسيس ڄاڻيندي اهڙو ڪم ڪيو، جيڪو منهنجي نظر ۾ برو آهي؟ تو اورياہ حتيءَ کي جنگ ۾ مارايو. هائو، تو هن کي بني عمون جي هٿان قتل ڪرائي ڇڏيو آهي ۽ سندس زال کي پنهنجي زال بڻايو آهي.


تون قرباني يا نذرانو ڪونہ ٿو چاهين، نڪي پاڪ ٿيڻ واسطي قرباني يا ساڙڻ واري قرباني ئي تو گھري آهي. بلڪ تو منهنجا ڪن کولي ڇڏيا آهن، تان‌تہ تنهنجي ٻڌي آءٌ فرمانبرداري ڪريان.


آءٌ اوهان کي اوهان جي قربانين بابت ڏوراپو ڪين ٿو ڏيان، ڇوجو اوهان جون ساڙڻ واريون قربانيون هميشہ منهنجي سامهون آهن.


ڏس، تون باطن جي سچائيءَ کي پسند ٿو ڪرين، تنهنڪري باطن منجھہ ئي مون کي دانائي سيکار.


آءٌ سڄو ڏينهن ڇڏائڻ وارين تنهنجي ڀلائين جو بيان پيو ڪندس. هائو، انهن جي شمار جو ڪو ئي بہ اندازو ناهي.


پر جيڪڏهن ڪو ماڻهو ڄاڻي‌واڻي ڪنهن ٻئي ماڻهوءَ کي ماري ٿو وجھي، تہ پوءِ توڙي اهو منهنجي قربان‌گاهہ وٽ پناهہ وڃي وٺي تہ بہ کيس اتان پري ڪيو وڃي تہ جيئن کيس ماريو وڃي.


سچارن جي دعا گھرڻ تي خداوند خوش ٿو ٿئي، مگر بدڪارن جي قربانين کان بہ هن کي نفرت آهي.


خداوند بدڪارن جي قربانين کان نفرت ٿو ڪري، خاص طور جڏهن اهي بدنيتيءَ سان پيش ڪيون وڃن.


سو خداوند فرمايو تہ ”اي يرمياہ! تون جيتوڻيڪ اهي سڀ ڳالهيون هنن کي ٻڌائيندين تہ بہ هو تنهنجي نہ ٻڌندا. تون جڏهن کين سڏيندين تڏهن هو تو کي ڪوبہ جواب نہ ڏيندا.


آءٌ رسمي قربانيون نہ ٿو چاهيان، بلڪ اوهين مون سان دلي طرح وفادار هجو. هائو، مون کي رسمي ساڙڻ واريون قربانيون پسند نہ آهن، بلڪ مون کي سچيءَ دل سان سڃاڻو.


پر جيڪڏهن ڪو هڪڙو شخص بناارادي گناهہ ڪري ويهي تہ پوءِ هو هڪسالي ٻڪري پاڪ ٿيڻ واسطي قربانيءَ طور پيش ڪري.


انهيءَ قاتل کي ضرور ماريو وڃي، جيڪو واجب‌القتل هجي. اوهين کانئس جان جي عيوضي ۾ پئسا وٺي کيس ڇڏي نہ ڏجو.


جيڪڏهن ڪو مرد ڪنهن ٻي پرڻيل عورت سان گڏ سمهندو ڏسڻ ۾ اچي تہ انهن ٻنهي کي موت جي سزا ڏني وڃي. اهڙيءَ طرح اوهين اها خرابي بني اسرائيل جي وچ مان ڪڍي ڇڏجو.


پر سموئيل کيس وراڻيو تہ ”خداوند کي جهڙي خوشي سندس حڪمن تي عمل ڪرڻ مان ٿيندي آهي، تهڙي سندس لاءِ قرباني ڪرڻ مان ٿيندي اٿس ڇا؟ ياد رک، فرمانبرداري قربانيءَ کان بهتر آهي، ۽ حڪم تي عمل ڪرڻ گھٽن جي نذراني کان افضل آهي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ