پر خداوند هنن تي مهربان ٿيو ۽ مٿن رحم ڪيائين ۽ ابراهيم، اسحاق ۽ يعقوب سان پنهنجي ٻڌل عهد جي ڪري هنن تي ٻاجھہ ڪيائين. اڄ ڏينهن تائين هن کين تباهہ ڪرڻ يا پنهنجي حضور مان تڙي ڪڍڻ نہ چاهيو.
سو خداوند چيو تہ ”جيئن مون اسرائيل وارن کي پنهنجي حضور مان ڪڍي ڇڏيو، تيئن يهوداہ وارن کي بہ ڪڍي ڇڏيندس. هي شهر يروشلم جنهن کي مون چونڊيو هو ۽ هيءَ هيڪل جنهن بابت مون چيو هو تہ انهيءَ تي منهنجو نالو رکيو ويندو، تن ٻنهي کي آءٌ ڌڪاري ڇڏيندس.“
جڏهن سائول ۽ سندس نوڪر جِبعت شهر ۾ انهيءَ ٽڪريءَ وٽ اچي پهتا، تڏهن نبين جي هڪڙي ٽولي کين گڏي. اتي خدا جو روح مٿس ايترو تہ زور سان نازل ٿيو جو هو انهن سان گڏ خدا جي ڳالهين ۾ مست ٿي ويو.