4 هو آسمانن ۽ زمين کي پنهنجي حضور ۾ سڏي ٿو، تہ جيئن اهي سندس قوم جي فيصلي ڪرڻ وقت حاضر هجن.
4 هو پنهنجن ماڻهن جي عدالت ڪرڻ لاءِ، مٿئين آسمان کي ۽ زمين کي سڏيندو:
آسمان خدا جي سچائيءَ کي بيان ٿا ڪن، ڇاڪاڻ تہ خدا پاڻ ئي انصاف ڪندڙ آهي.
هائو، اهي خداوند جي حضور ۾ ڳائين، ڇاڪاڻ تہ هو دنيا وارن جو انصاف ڪرڻ لاءِ اچي رهيو آهي. هو انصاف ۽ سچائيءَ سان جهان جي قومن جي عدالت ڪندو.
ڇاڪاڻ تہ هو اچي ٿو، تانتہ دنيا وارن جو انصاف ڪري. هائو، هو انصاف ۽ سچائيءَ سان دنيا جي قومن جي عدالت ڪندو.
خداوند فرمايو تہ ”اي زمين وَ آسمان! اوهين ڪن ڏيئي ٻڌو. جنهن قوم کي مون خداوند پنهنجي ٻارن وانگر پالي وڏو ڪيو، سا مون کان باغي ٿي ويئي آهي.
”تنهنڪري آءٌ خداوند پنهنجي قوم جي خلاف مقدمو اٿلائيندس، هائو، آءٌ وري سندن اولاد جي خلاف مقدمو هلائيندس.
آءٌ اڄوڪي ڏينهن زمين ۽ آسمان کي اوهان تي شاهد ٿو ڪريان تہ مون زندگي ۽ موت، برڪت ۽ لعنت ٻئي اوهان جي اڳيان رکيا آهن. تنهنڪري اوهين زندگيءَ جي چونڊ ڪجو، انهيءَ لاءِ تہ اوهين ۽ اوهان جو اولاد جيئرو رهي،
اوهين پنهنجن قبيلن جي سڀني سردارن ۽ پنهنجن عملدارن کي مون وٽ آڻي گڏ ڪريو، انهيءَ لاءِ تہ آءٌ سندن ڪنن تائين هي ڳالهيون پهچايان ۽ زمين ۽ آسمان کي مٿن شاهد ڪريان.
”اي زمين ۽ آسمانؤ! ڪن ڏيو جو آءٌ ڳالهايان ٿو، اوهين ڌيان سان منهنجي ڳالهہ ٻڌو.
تہ آءٌ اڄوڪي ڏينهن زمين ۽ آسمان کي اوهان تي شاهد ڪري چوان ٿو تہ جنهن ملڪ کي هٿ ڪرڻ لاءِ اوهين اردن درياءَ جي پار ٿا وڃو تنهن ۾ اوهين جلد ئي تباهہ ڪيا ويندا. اوهين اتي گھڻا ڏينهن رهي ڪين سگھندا، بلڪ پوريءَ طرح برباد ٿي ويندا.
هن اوهان کي آسمان مان پنهنجو آواز ٻڌايو، انهيءَ لاءِ تہ اوهان کي تربيت ڏئي. هن اوهان کي زمين تي وڏي باهہ ڏيکاري ۽ اوهان باهہ جي وچ مان سندس فرمان ٻڌو.