اي بني اسرائيل جا ڌنار! تون جيڪو ڌڻ وانگر اسان جي رهبري ڪرين ٿو، ۽ پردار آسماني مخلوق تي تختنشين آهين، اسان جو فرياد ڪن ڏيئي ٻڌ. اسان کي پنهنجو جلال ڏيکار.
ڏسو، خداوند پنهنجي عرش عظيم کان لهي اچڻ وارو آهي، انهيءَ لاءِ تہ ڌرتيءَ جي رهاڪن کي سندن بدڪاريءَ جي سزا ڏئي. ان وقت ڌرتيءَ تي ٿيل خونن جو حساب ڪتاب ورتو ويندو، ۽ تڏهن ڌرتي ڪنهن بہ خون کي نہ لڪائيندي.
هاڻ اي پيارا يروشلم! تو وٽان لنگھندڙ سڀيئي ماڻهو ڪنڌ لوڏي تو تي ٺٺوليون ٿا ڪن. اهي طعنا هڻندي ۽ تنهنجي برباديءَ تي کلندي چون ٿا تہ ”ڇا هي اهو ئي شهر نہ آهي، جنهن کي ماڻهو تمام سهڻو شهر، ۽ دنيا جو فخر ڪري سڏيندا هئا؟“
پوءِ آءٌ انهن کي ڇڏي پنهنجي جاءِ ڏانهن روانو ٿي ويندس، ايستائين جو هو پنهنجا ڏوهہ نہ قبولين ۽ منهنجا طالبو نہ ٿين، ۽ مصيبت واري انهيءَ وقت ۾ دل وَ جان سان مون کان ئي مدد طلب نہ ڪن.“