Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




زبور 50:18 - Muslim Sindhi Bible

18 اوهين جڏهن ڪو چور ٿا ڏسو تہ انهيءَ جا ساٿي بڻجي ٿا وڃو، ۽ زنا ڪندڙن جا اوهين حامي ٿا بڻجي وڃو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

18 جڏهن تو چور کي ڏٺو، تڏهن تون انهيءَ سان ملي وئين، ۽ زناڪارن سان شريڪ ٿئين.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




زبور 50:18
14 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

يوندب کيس چيو تہ ”تون بيماريءَ جو بهانو ڪري وڃي پنهنجي هنڌ تي سمهي رهہ. جڏهن تنهنجو پيءُ تو کي ڏسڻ اچي تڏهن چئجانس تہ ’ڀلائي ڪري منهنجي ڀيڻ تمر کي مون ڏانهن موڪلي ڏيو، تہ اچي مون کي ماني کارائي. هوءَ منهنجي سامهون کاڌو تيار ڪري تہ آءٌ ڏسان ۽ پوءِ سندس هٿان کاوان.‘“


اوهين رشوت وٺي بدڪارن کي سچار ٿا قرار ڏيو، ۽ سچارن کي ڏوهي.


جيڪو ماڻهو ڪنهن ٻئي ماڻهوءَ يعني پنهنجي ڪنهن پاڙيسريءَ جي زال سان زنا ڪندو، تہ انهيءَ زناڪار مرد ۽ عورت ٻنهي کي ضرور موت جي سزا ڏني وڃي.


هنن جا هٿ بڇڙائي ڪرڻ ۾ مهارت ٿا رکن، عملدار توڙي قاضي رشوت گھري ٿا وٺن، ۽ اثر رسوخ وارن ماڻهن جون دليون حرص مان نہ ٿيون ڀرجن. انهيءَ کان علاوہ اهي سڀ گڏجي سازشون بہ ڪن ٿا.


۽ چئو ٿا تہ ’جيڪڏهن اسين ابن ڏاڏن جي ڏينهن ۾ هجون ها تہ جيڪر نبين کي قتل ڪرڻ ۾ انهن سان شريڪ نہ ٿيون ها.‘


جيتوڻيڪ اهي خدا جي هن حڪم کي ڄاڻين ٿا تہ جيڪي ماڻهو هي ڪم ڪن ٿا سي موت جي لائق آهن، تنهن هوندي بہ اهي نہ رڳو پاڻ هي ڪم ڪن ٿا، بلڪ جيڪي ٻيا اهڙا ڪم ڪن ٿا تن کان بہ راضي ٿين ٿا.


ڪنهن ماڻهوءَ کي خدمت لاءِ مقرر ڪرڻ ۾ اُٻهرو نہ ٿجانءِ ۽ نہ وري ٻين جي گناهن ۾ شريڪ ٿجانءِ. مطلب تہ پنهنجو پاڻ کي هر الزام کان پاڪ رکجانءِ.


سڀني ماڻهن جي نظر ۾ شادي عزت جي ڳالهہ هئڻ کپي ۽ زال مڙس کي هڪٻئي سان وفادار هئڻ گھرجي. ياد رکو، خدا حرامڪارن ۽ زناڪارن جي خلاف فتويٰ جاري ڪندو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ