10 جھنگ جا سمورا جانور منهنجا آهن، ۽ هزارين ٽڪرين جا جاندار منهنجا ئي آهن.
10 ڇو تہ جهنگ جو هرڪو جانور منهنجو آهي ۽ هزارين ٽڪرين جا ڍور منهنجا ئي آهن.
سو خداوند خدا زمين مان مٽي کڻي سڀ جانور ۽ پکي ٺاهيا. پوءِ انهن کي آدم وٽ آندائين تہ ڏسي تہ هو انهن جا نالا ڪهڙا ٿو رکي ۽ آدم جنهن کي جنهن نالي سان سڏيو سو ئي ان جو نالو ٿيو.
اهڙيءَ طرح خدا اوهان جي پيءُ جو مال کڻي مون کي ڏنو.
سڀيئي ساهوارا جهڙوڪ پکي، جانور ۽ سرندڙ جيت پاڻ سان گڏ ٻاهر وٺي اچ تہ اُهي ڌرتيءَ تي نسل وڌائين ۽ وڌن ويجھن.“
تون ڍڳن لاءِ گاهہ اُپائين ٿو ۽ انسانن لاءِ اناج، تانتہ انسان زمين مان پنهنجي خوراڪ حاصل ڪن.
ڌرتي ۽ ان جون سموريون شيون خداوند جون آهن. هائو، هي جهان ۽ ان جا رهاڪو سڀ خداوند جا ئي آهن.
ڌرتيءَ تي رهندڙ سمورن انسانن ۽ سڀني جانورن توڙي پکين تي هن توهان کي حاڪم مقرر ڪيو آهي، پوءِ اهي کڻي ڪٿي بہ رهندا هجن. سو توهين ئي اهو سون جو مٿو آهيو.
تڏهن ڇا مون کي انهيءَ وڏي شهر نينواہ جي ڳڻتي نہ هوندي جنهن ۾ بيشمار چوپايي مال کان سواءِ هڪ لک ويهن هزارن کان وڌيڪ معصوم ٻار آهن.“