Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




زبور 50:1 - Muslim Sindhi Bible

1 خداوند، قادرِمطلق خدا، سڄيءَ دنيا وارن کي سڏايو آهي. هائو، هن اوڀر کان اولهہ تائين سڄيءَ دنيا کي گھرايو آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

1 خدا، هائو، خداوند خدا فرمايو آهي، ۽ اُڀرندي کان اُلهندي تائين دنيا کي سڏيو اٿس.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




زبور 50:1
35 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

جڏهن ابرام نوانوي سالن جو ٿيو، تڏهن خداوند ابرام کي ڏيکاري ڏني ۽ چيائينس تہ ”آءٌ قادرِمطلق خدا آهيان. منهنجي فرمانبرداري ڪر ۽ سچار رهہ.


تڏهن الياس سڀني ماڻهن جي اڳيان بيهي چوڻ لڳو تہ ”اوهين ڪيستائين ٻِہ‌دليا ٿي رهندا؟ جيڪڏهن خداوند ئي خدا آهي تہ انهيءَ جي پٺيان لڳو، پر جيڪڏهن بعل خدا آهي تہ پوءِ انهيءَ جي پٺيان لڳو.“ پر ماڻهن ڪجھہ بہ نہ ڪُڇيو.


سو لاوين هيمان ولد يو‌ايل، سندس مائٽن مان آسف ولد برڪياہ ۽ سندس مائٽن بني مراريءَ مان ايتان ولد قوسياہ کي مقرر ڪيو.


دائود بادشاهہ آسف ۽ سندس ساٿين کي خداوند جي عهد واري صندوق جي اڳيان هميشہ لاءِ خدمت ڪرڻ واسطي مقرر ڪيو، انهيءَ لاءِ تہ هو روزانو واري ضروري ڪم موجب خدمت ڪندا رهن.


آسف سان گڏ سندس چار پٽ زڪور، يوسف، نتنياہ ۽ اسري‌لاہ هئا. اهي پنهنجي پيءُ آسف جي نگرانيءَ هيٺ بادشاهہ دائود جي حڪم موجب خدا جو ڏنل پيغام ٻڌائيندا هئا.


اهي سڀ پنهنجي پيءُ جي نگرانيءَ هيٺ خداوند جي هيڪل ۾ عبادت لاءِ ٽليون، دنبورا ۽ سارنگيون وڄائيندا هئا. آسف، يدوتون ۽ هيمان پاڻ بادشاهہ جي نگرانيءَ هيٺ هئا.


تحت، اوري‌ايل، عُزياہ ۽ شائول.


پوءِ حزقياہ بادشاهہ ۽ سندس عملدارن لاوين کي حڪم ڏنو تہ ”دائود بادشاهہ ۽ آسف غيبدان جا چيل خدا جي تعريف جا گيت ڳايا وڃن.“ سو سڀني ماڻهن خوشيءَ سان واکاڻ جا گيت ڳايا ۽ پنهنجا سر جھڪائي سجدو ڪيائون.


تنهنڪري هاڻي اي اسان جا خدا! اي عظمت، قدرت ۽ هيبت وارا خدا! تون جيڪو پنهنجو عهد قائم رکندي لافاني شفقت ڪندڙ آهين، سو اسان جي هن مصيبت کي معمولي نہ ڄاڻ، جيڪا اسان تي، اسان جي بادشاهن، اميرن، ڪاهنن، نبين ۽ ابن ڏاڏن توڙي تنهنجي سڄي قوم تي، اشور جي بادشاهہ جي وقت کان وٺي اڄ ڏينهن تائين ايندي رهي آهي.


رڳو تون ئي خداوند آهين. تون عرش عظيم ۽ آسمان ۽ ان جي سڀني گرهن ۽ سيارن جو پيدا ڪندڙ آهين. تون زمين ۽ جيڪي ڪجھہ منجھس آهي، تن جو پيدا ڪندڙ آهين. تون سمنڊن ۽ جيڪي ڪجھہ منجھن آهي، تن جو پيدا ڪندڙ آهين. هر ڪا شيءِ تنهنجي ئي وسيلي قائم آهي. آسماني مخلوق پڻ تنهنجي عبادت ڪري ٿي.


دنيا جي هڪڙي ڇيڙي کان وٺي ٻئي ڇيڙي تائين، شال خداوند جي نالي کي ساراهيو وڃي!


بيشڪ خدا بني اسرائيل تي مهربان آهي. جيڪي پاڪ دل آهن تن تي هو مهربان آهي.


اي خدا! تو هميشہ جي لاءِ اسان کي ڇو ڇڏي ڏنو آهي؟ اسين جيڪي تنهنجي چراگاهہ جون رڍون آهيون، تن تي تنهنجو ناراضپو ڇو آهي؟


اسين شڪر ڪريون ٿا، اي خدا! اسين تنهنجو شڪر ٿا ڪريون. اسين تنهنجي نالي جي واکاڻ ٿا ڪريون، ۽ تنهنجي عجيب ڪمن جو بيان ڪريون ٿا.


يهوداہ وارن ۾ خدا کي ڄاتو سڃاتو وڃي ٿو، ۽ اسرائيل وارن ۾ بہ سندس نالي جي تعظيم ڪئي وڃي ٿي.


آءٌ بلند آواز سان خدا آڏو فرياد ڪريان ٿو، هائو، آءٌ خدا آڏو ئي فرياد ٿو ڪريان، تان‌تہ هو منهنجي دانهن ٻڌي.


اي منهنجي قوم وارؤ! اوهين منهنجي تعليم ٻڌو، اوهين منهنجي ڳالهين تي پنهنجو ڪن ڏيو.


اي خدا! هي ملڪ جيڪو تنهنجي ملڪيت آهي، تنهن ۾ ڌاريون قومون گھڙي آيون آهن. هنن تنهنجي مقدس هيڪل کي ڊاهي ان جي بي‌حرمتي ڪئي آهي، ۽ يروشلم شهر کي ڪيرائي کنڊر بڻائي ڇڏيو اٿائون.


اي بني اسرائيل جا ڌنار! تون جيڪو ڌڻ وانگر اسان جي رهبري ڪرين ٿو، ۽ پردار آسماني مخلوق تي تخت‌نشين آهين، اسان جو فرياد ڪن ڏيئي ٻڌ. اسان کي پنهنجو جلال ڏيکار.


خدا جيڪو اسان جي طاقت آهي، تنهن جي حضور ۾ ڏاڍيان ڳايو. اوهين يعقوب جي خدا جي حضور ۾ خوشيءَ جا نعرو هڻو.


معبودن جي مجلس ۾ خدا پاڻ موجود آهي، هائو، انهن معبودن جي هو پاڻ عدالت ڪري ٿو.


اي خدا! تون ماٺ نہ ڪر، اي خدا! تون خاموش نہ رهہ، هائو، چپ ڪري نہ ويهہ.


خداوند فرمايو تہ ”اي زمين وَ آسمان! اوهين ڪن ڏيئي ٻڌو. جنهن قوم کي مون خداوند پنهنجي ٻارن وانگر پالي وڏو ڪيو، سا مون کان باغي ٿي ويئي آهي.


هاڻ اي خداوند اسان جا خدا! اسان کي هن جي هٿن مان ڇڏاءِ، تان‌تہ دنيا جون سڀ قومون ۽ بادشاهہ ڄاڻي وٺن تہ رڳو تون ئي خدا آهين.“


تنهنجو خالق ئي تنهنجو مڙس آهي، جنهن جو نالو قادرِمطلق خداوند آهي. هو تنهنجو بچائيندڙ ۽ بني اسرائيل جو پاڪ معبود آهي، اهو ئي سڄيءَ دنيا جو حاڪم آهي.


اسان جي لاءِ هڪڙو ٻار پيدا ٿيندو. هائو، اسان جي قوم تي حڪمراني ڪرڻ لاءِ اسان کي هڪڙو پٽ عطا ڪيو ويندو. جنهن تي هي نالا رکيا ويندا: بهترين صلاحڪار، قادر خدا، قائم وَ دائم ابو ۽ سلامتيءَ جو شهزادو.


بيشڪ اي خداوند! تنهنجو ثاني ڪوبہ ڪونهي، تون عظيم آهين، ۽ تنهنجو نالو وڏيءَ قدرت وارو آهي.


ببر شينهن گجيو آهي سو ڪير نہ ڊڄندو؟ خداوند خدا فرمايو آهي، سو ڪير آهي جو سندس پيغام ظاهر نہ ڪندو؟


دنيا جي هڪڙيءَ ڪنڊ کان وٺي ٻيءَ ڪنڊ تائين ٻين قومن ۾ منهنجي واکاڻ پئي ٿئي. هر هنڌ منهنجي لاءِ لوبان پيا ٻارين ۽ پاڪ نذرانا پيا پيش ڪن. درحقيقت انهن قومن ۾ منهنجو نالو ساراهيو وڃي ٿو.


۽ سڀني قومن جا ماڻهو سندس اڳيان حاضر ڪيا ويندا. پوءِ هو انهن کي ٻن ٽولن ۾ ورهائيندو، جيئن ريڍار پنهنجي ڌڻ مان رڍن کي ٻڪرين کان ڌار ڪندو آهي.


”خداوند، قادرِمطلق خدا، هائو، خداوند، قادرِمطلق خدا ڄاڻي ٿو ۽ اوهين بني اسرائيل بہ ڄاڻي ڇڏيو تہ جيڪڏهن اسان خداوند جي خلاف بغاوت ڪئي آهي ۽ خداوند جي نافرماني ڪئي اٿئون تہ اڄ اسان کي جيئرو نہ ڇڏيو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ