5 تنهنجي اڳيان ڪيبہ هٺيلا بيهي نہ ٿا سگھن. بيشڪ تو کي سڀني بدڪارن کان ڏاڍي نفرت آهي.
5 مغرور تنهنجي اڳيان بيهي ڪين سگهندا؛ توکي سڀني بدڪارن کان نفرت آهي.
بيشڪ بڇڙا ماڻهو عدالت ۾ بيهي ڪين سگھندا، نڪي گنهگارن کي سچارن جي محفل ۾ ڪا جاءِ ملندي.
بڇڙا پنهنجي نفساني خواهشن تي فخر ٿا ڪن. لالچي خداوند کي ڇڏي ٿا ڏين ۽ ان جي توهين ٿا ڪن.
هو سچار ۽ بدڪار ٻنهي کي جاچي ٿو. سو جيڪو بدڪاريءَ ۽ ظلم کي پسند ڪري ٿو، تنهن کان هو نفرت ٿو ڪري.
جيڪڏهن تون خطائن جو حساب ڪندين، تہ پوءِ اي خداوند! ڪير آهي جيڪو تنهنجي آڏو بيهي سگھندو؟
اهي احمق هوندا جيڪي پنهنجيءَ دل ۾ چون ٿا تہ ”خدا تہ آهي ئي ڪونہ.“ اهڙا ماڻهو بڇڙا آهن ۽ ڪراهت جهڙا ڪم ڪن ٿا. انهن منجھہ اهڙو ڪوبہ ڪونهي جيڪو نيڪي ڪري.
جڏهن مون بڇڙن جي اقبالمندي ڏٺي، تڏهن انهن مغرورن تي مون کي ريس آئي هئي.
آءٌ مغرورن کي چوان ٿو تہ ’اوهين غرور نہ ڪريو،‘ ۽ بڇڙن کي چوان ٿو تہ ’اوهين پنهنجا ڳاٽ اوچا نہ ڪريو.
هڪڙي ڳالهہ آهي جيڪا بيوقوف ماڻهو نہ ٿا ڄاڻن، هائو، جاهل ماڻهو هيءَ ڳالهہ سمجھي نہ ٿا سگھن تہ
اي منهنجي قوم وارؤ! اوهين ڪيڏا نہ جاهل آهيو! ڪجھہ تہ ويچار ڪريو. اي بيوقوف انسانؤ! اوهان کي ڪڏهن عقل ايندو؟
”اي نادانؤ! ڪيستائين اوهين پاڻ کي بيوقوف بڻائيندا رهندا؟ ڪيستائين اوهين مون ڏاهپ تي کل ٺٺوليون ڪندا رهندا؟ ڪيستائين اوهين جهالت وچان سمجھہ کي ڌڪاريندا رهندا؟
خداوند جو خوف رکو، ڇاڪاڻ تہ اها ئي سمجھہ جي شروعات آهي. جيڪي ڏاهپ ۽ سٺي تربيت حاصل ڪرڻ کان انڪار ٿا ڪن سي بيعقل آهن.
بدڪارن جي چال چلت کان خداوند کي نفرت آهي، مگر جيڪي سچائيءَ سان ٿا هلن تن سان هو محبت ٿو رکي.
اي نادانؤ! اوهين دانائي سکو. اي بيوقوفؤ! اوهين عقلمند ٿيو.
جڏهن اوهين خدا آڏو ڪو واعدو ڪريو، تہ پوءِ جيترو جلد ٿي سگھي اهو پورو ڪريو، ڇاڪاڻ تہ هو اهڙن اُٻهرن بيوقوفن مان خوش نہ ٿو رهي. تنهنڪري پنهنجو ڪيل واعدو پورو ڪري ڇڏيو.
خداوند فرمائي ٿو تہ ”اسرائيل وارن جي بڇڙائي جِلجال کان ئي شروع ٿي، هائو، آءٌ اتي ئي ساڻن ڏاڍي نفرت ڪرڻ لڳو هئس. هاڻي آءٌ سندن بدڪاريءَ وارن ڪمن جي ڪري کين پنهنجي چونڊيل ملڪ مان ڀڄائي ڪڍندس. آءٌ انهن سان وري محبت نہ رکندس، ڇاڪاڻ تہ سندن سڀ اڳواڻ مون کان باغي آهن.
جن قومن کي آءٌ اوهان جي اڳيان ڀڄائي ٿو ڪڍان تن جي ريتن رسمن تي اوهين نہ هلجو، ڇاڪاڻ تہ انهن اهي سڀيئي ڪم ڪيا آهن، تنهنڪري مون انهن کان ڪراهت ڪئي.
پر تنهنجيون اکيون اهڙيون تہ پاڪ آهن جو بڇڙائيءَ کي ڏسڻ نہ ٿيون چاهين. تون تہ ظلم کي برداشت نہ ٿو ڪري سگھين تہ پوءِ تون ڇو ٿو دغابازن کي برداشت ڪرين؟ جڏهن بڇڙا ماڻهو پاڻ کان چڱن کي ماري ٿا ڇڏين، تڏهن ڇو تون ماٺ ڪري ويهي ٿو رهين؟
هڪڙي ئي مهيني ۾ مون ٽن ريڍارن کي ڀڄائي ڪڍيو، ڇاڪاڻ تہ انهن مون کان نفرت ٿي ڪئي، آءٌ بہ انهن مان بيزار ٿي پيس.
پوءِ هو کاٻي پاسي وارن کي چوندو تہ ’اي لعنتيؤ! منهنجي اکين اڳيان ٽري وڃو ۽ وڃي ڪڏهن نہ وسامندڙ باهہ ۾ پئو، جيڪا ابليس ۽ سندس ملائڪن لاءِ تيار ڪئي ويئي آهي،
پر آءٌ کين صاف جواب ڏيئي چوندس تہ ’آءٌ اوهان کي اصل نہ ٿو سڃاڻان. اي خدا جا نافرمانؤ! مون وٽان هليا وڃو.‘“