Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




زبور 5:12 - Muslim Sindhi Bible

12 اي خداوند! سچارن کي تون ئي برڪتون عطا ڪندين. تون پنهنجيءَ ٻاجھہ سان ڍال وانگر سندن بچاءُ ڪندين.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

12 ڇو جو تون راستباز کي برڪت ڏيندين؛ اي خداوند، تون هن کي ڍال وانگي مهربانيءَ سان ڍڪي ڇڏيندين.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




زبور 5:12
12 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

خداوند جي واکاڻ ڪريو. سڀاڳا آهن اهي ماڻهو، جيڪي خداوند جو خوف رکن ٿا، ۽ خوشيءَ سان سندس حڪمن تي عمل ڪن ٿا.


بيشڪ جيڪي بہ سندس خوف رکن ٿا، پوءِ اُهي ادنيٰ هجن يا اعليٰ، تن سڀني کي هو برڪت عطا ڪندو.


سو سچارن جي لشڪرگاهہ مان فتح ۽ خوشيءَ جا نعرا ٿا ٻڌجن تہ ’خداوند وڏي قدرت وارو آهي!


اي خداوند! مون ڏانهن ڌيان ڏي، ۽ مون تي پنهنجو اهو ئي رحم فرماءِ، جيڪو تو کي پنهنجي پيار ڪرڻ وارن تي ڪرڻ جڳائي ٿو.


شل اهو خداوند پنهنجي قوم کي طاقت عطا ڪري. هائو، شل هو پنهنجي قوم کي سلامتي ۽ خوشحالي بخشي.


پر اي خداوند! تون ئي تہ چئني طرفن کان منهنجي حفاظت ڪندڙ آهين. تون ئي تہ منهنجو اهو شان آهين، جيڪو مون کي سرفراز ٿو ڪرين.


بيشڪ تنهنجي ئي طرفان رهائي ٿي ملي. شال تنهنجي قوم تي سدائين تنهنجي برڪت هجي.


اي سچارؤ! ڏسو، بدڪار ماڻهن جي سر تي گھڻيون ئي مصيبتون اينديون آهن، پر جن جو ڀروسو خداوند تي آهي، تن کي چوڌاري رحمتون گھيرو ڪيو ٿيون رهن.


اي خداوند! مون کي بہ تون تڪليفن کان بچائين ٿو، ڇاڪاڻ تہ منهنجي جاءِ‌پناهہ تون ئي آهين. تون منهنجي چوڌاري نجات جا گيت ڳارائين ٿو.


خدا جي حضور ۾ گيت ڳايو، ۽ سندس نالي جي تعريف ڪريو. جيڪو بادلن جو سوار آهي تنهن جو شان بيان ڪريو. جنهن جو نالو خداوند آهي تنهن جي حضور ۾ سرها ٿيو.


انهيءَ سبب جو تون خداوند خدا ئي اسان جي رهنمائي ڪندڙ ۽ محافظ آهين. تون ئي اسان کي فضل ۽ عظمت بخشين ٿو. بيشڪ جيڪي سچائيءَ جي راهہ تي هلن ٿا، تن کان تون ڪابہ چڱي شيءِ نہ ٿو روڪين.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ