9 سدائين جيئرو رهي ۽ ڪڏهن بہ قبر جو منهن نہ ڏسي.
9 تہ هو سدائين جيئرو رهي، ۽ قبر ۾ نہ وڃي.
آءٌ تنهنجو سچار بندو آهيان، تون مون کي برزخ ۾ وڃڻ ڪين ڏيندين. هائو، تون مون کي پاتال ڏسڻ ڪين ڏيندين.
دنيا جو هر فاني انسان رڳو کيس ئي سجدو ڪندو. بيشڪ خاڪ ۾ وڃي ملڻ وارا سڀ سندس آڏو جھڪندا، هائو، اهي سڀ جيڪي موت کان پاڻ کي بچائي نہ ٿا سگھن.
ڇا اهڙو ڪو انسان آهي جيڪو موت نہ ڏسندو ۽ پيو جيئندو؟ ڇا ڪو اهڙو آهي جيڪو قبر کان پنهنجي جان بچائي سگھندو؟
بيايمانيءَ وسيلي گڏ ڪيل دولت مان ڪو فائدو ڪونهي، مگر ايمانداري موت کان بچائي سگھي ٿي.
خدا جي سزا کان دولت نہ بچائي سگھندي، مگر ايمانداري ئي بچائي سگھندي.
اهڙو ڪوبہ انسان ڪونهي جيڪو پاڻ کي مرڻ کان بچائي سگھي، نڪي ڪو موت جي ڏينهن کي ٽاري سگھي ٿو، نڪي ڪو جنگ کان پاڻ بچائي سگھي ٿو ۽ نہ ئي وري بدڪارن کي سندن بڇڙائي ڪو بچائي سگھي ٿي.
اوهان جا ابا ڏاڏا ۽ اهي نبي ڇا هاڻي تائين جيئرا آهن؟
خدا انهن جي اولاد يعني اسان جي لاءِ عيسيٰ کي جيئرو ڪري اهو واعدو پورو ڪيو، جيئن زبور ٻئي ۾ لکيل آهي تہ ’تون منهنجو پٽ آهين، هائو، اڄ آءٌ چوان ٿو تہ آءٌ تنهنجو پيءُ آهيان.‘
يقين اٿم تہ تون منهنجي روح کي مئلن جي دنيا ۾ ڇڏي نہ ڏيندين، نڪي پنهنجي پاڪ ٻانهي کي ڳرڻ سڙڻ ڏيندين.
دائود اڳي ئي ڄاتو پئي تہ خدا ڇا ڪندو، تنهنڪري هن مسيح جي وري جيئري ٿيڻ بابت اڳڪٿي ڪندي ائين چيو تہ مسيح نڪي مئلن جي دنيا ۾ ڇڏيو ويندو ۽ نہ وري سندس جسم ڳري سڙي ويندو.