Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




زبور 49:7 - Muslim Sindhi Bible

7 تن مان ڪنهن کي بہ طاقت ناهي جو پنهنجو پاڻ کي ڇڏائي سگھي، ۽ نہ وري کيس اها طاقت آهي جو خدا کي پنهنجو عيوضو ڏيئي سگھي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

7 تن مان ڪنهن کي بہ طاقت نہ آهي جو پنهنجي ڀاءُ کي ڇڏائي سگهي، يا خدا کي انهي جو عيوضو ڀري ڏئي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




زبور 49:7
10 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

هو انهن جي اڳيان پنهنجي گھڻيءَ دولت، گھڻي اولاد جو ذڪر ڪندي ۽ اهي سڀ ڳالهيون ڪندي ڊاڙون هڻڻ لڳو، جن جي ڪري شهنشاهہ سندس عزت وڌائي هئي ۽ کيس ٻين اميرن ۽ عملدارن کان مٿاهون بڻايو هئائين.


پر دولتمند ماڻهوءَ جي نظر ۾ دولت ئي سندس لاءِ مضبوط قلعو ۽ ڪوٽ وارو شهر آهي.


خداوند مون کي هي اعلان ڪرڻ لاءِ چيو تہ ’ماڻهن جا لاش کُليل ميدان ۾ گند ڪچري وانگر پکڙيا پيا هوندا، جيئن ڪنهن لاباري ڪندڙ جي پويان اناج جا تِيلا ڪريا پيا هوندا آهن، جن کي ڪوبہ گڏ ڪرڻ وارو نہ هوندو آهي.‘“


پر ياد رکو، آءٌ مصر ملڪ کان وٺي خداوند اوهان جو خدا آهيان، هاڻي بہ آءٌ ئي وري اوهان کي خيمن ۾ رهڻ تي مجبور ڪندس، جيئن اوهين اڳ بيابان ۾ رهندا هئا.


ڀلا ماڻهوءَ کي انهيءَ مان ڪهڙو فائدو جو سڄي دنيا تہ هٿ ڪري پر پنهنجي جان وڃائي ڇڏي؟ ماڻهو ڪجھہ بہ ڏيئي پنهنجي جان وري حاصل ڪري نہ ٿو سگھي.


ساڳيءَ طرح ابنِ آدم بہ انهيءَ لاءِ نہ آيو آهي تہ ٻيا سندس خدمت ڪن، بلڪ انهيءَ لاءِ آيو آهي تہ پاڻ ٻين جي خدمت ڪري ۽ گھڻن کي بچائڻ واسطي پنهنجي جان عيوضي طور ڏئي.“


پر سياڻين ڇوڪرين وراڻيو تہ ’اسان وٽ ايترو تيل ڪونہ آهي جو اسان ۽ اوهان لاءِ پورو پئجي سگھي. چڱو ائين ٿيندو جو اوهين وڃي پنهنجي لاءِ دڪان تان تيل وٺي اچو.‘


ماڻهو ڪجھہ بہ ڏيئي پنهنجي جان وري حاصل ڪري نہ ٿو سگھي.


هن سڀني ماڻهن جي ڇوٽڪاري لاءِ پنهنجو پاڻ کي عيوضي طور ڏيئي ڇڏيو. مسيح جي اها قرباني هڪ شاهدي آهي جيڪا مناسب وقت تي ڏني ويئي.


اوهين ڄاڻو ٿا تہ اها اجائي هلت چلت جيڪا اوهان جي ابن ڏاڏن کان هلندي ٿي آئي، تنهن کان اوهان کي ڇڏائڻ جي قيمت سون ۽ چانديءَ جهڙيون فاني شيون نہ هيون،


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ