6 جيڪي پنهنجيءَ دولت تي ڀروسو رکن ٿا، ۽ جيڪي پنهنجي جھجھي مال ملڪيت تي ڪُڏن ٿا،
6 جيڪي پنهنجيءَ دولت تي ڀروسو ٿا رکن، ۽ پنهنجي گهڻيءَ ملڪيت تي ٿا ڪُڏن؛
هو انهن جي اڳيان پنهنجي گھڻيءَ دولت، گھڻي اولاد جو ذڪر ڪندي ۽ اهي سڀ ڳالهيون ڪندي ڊاڙون هڻڻ لڳو، جن جي ڪري شهنشاهہ سندس عزت وڌائي هئي ۽ کيس ٻين اميرن ۽ عملدارن کان مٿاهون بڻايو هئائين.
ڪابہ بري خبر کين ڊيڄاري نہ سگھندي، ڇاڪاڻ تہ هو پختيءَ دل سان خداوند تي ڀروسو رکن ٿا.
بيشڪ اهي ڊڄڻ وارا ناهن، بلڪ خدا تي سندن يقين ايترو تہ پختو آهي، جو اهي پنهنجي دشمنن کي خوار خراب ٿيندو ڏسندا.
”ڏسو، هي اهو ماڻهو آهي، جنهن خدا کي پنهنجي پناهہگاهہ نہ بڻايو، بلڪ پنهنجي گھڻيءَ دولت تي ئي ڀروسو رکيائين، ۽ پنهنجي بڇڙائيءَ ۾ پڪو ٿي ويو.“
منهنجا دشمن سڄو ڏينهن منهنجي لفظن جي ابتي معنيٰ ڪڍن ٿا. هنن جو سڄو خيال منهنجي خلاف بڇڙائي ڪرڻ ڏانهن آهي.
پوءِ ڇا اهڙي بڇڙائي ڪرڻ جي باوجود هو ڇٽي ويندا؟ اي خدا! تون پنهنجي غضب سان انهن قومن کي ڪيرائي ڇڏ.
اوهين ظلم تي ڀروسو نہ رکو، ۽ نہ وري ڦرمار تي مغرور ٿيو. جيڪڏهن اوهان جي دولت وڌي بہ وڃي، تہ انهيءَ تي دارومدار نہ رکو.
دولت شاهوڪار لاءِ هڪ مضبوط قلعي مثل آهي، مگر غربت غريبن کي ناس ڪريو ڇڏي.
جيڪي پنهنجي دولت تي ڀروسو ٿا رکن، سي خزان ۾ ڇڻندڙ پنن جيان ڪومائجي ڪرندا. مگر سچار ماڻهو بهار جي پنن جيان سرسبز وَ شاداب رهندا.
دولت هڪڙي اهڙي شيءِ آهي، جيڪا ڏسندي ڏسندي ائين اڏاميو وڃي، جيئن ڪو پکي اڏامي هليو ٿو وڃي.
خداوند فرمائي ٿو تہ ”ڏاهو ماڻهو پنهنجي ڏاهپ تي فخر نہ ڪري، نہ ئي ڪو زورآور پنهنجي زور تي فخر ڪري، نہ وري دولتمند ماڻهو پنهنجي دولت تي فخر ڪري،
اسرائيل وارا چون ٿا تہ ’اسين دولتمند آهيون ۽ جھجھو مال گڏ ڪيو اٿئون. انهيءَ ڳالهہ ۾ اسان ڪنهن جو بہ حق نہ کسيو آهي، جنهن کي اسان جو گناهہ ليکيو وڃي.‘
هنن لفظن تي شاگرد حيران ٿي ويا. سو عيسيٰ هنن کي وري چيو تہ ”اي منهنجا ٻارؤ! خدا جي بادشاهيءَ ۾ داخل ٿيڻ ڏاڍو ڏکيو آهي.
۽ پوءِ پاڻ کي چوندس تہ ٻيلي، مون وٽ ايترو تہ گھڻو مال آهي جو ڪيترائي سال پيو هلندو، سو آرام ڪريان، کاوان پيئان ۽ موجون ماڻيان.‘
جيڪي همايمان هن آخري زماني ۾ دولتمند آهن، تن کي تاڪيد ڪر تہ اهي مغرور نہ ٿين. هو بيبقا دولت تي نہ، پر انهيءَ خدا تي آسرو رکن جيڪو اسان کي سڀ شيون جھجھي انداز ۾ ٿو ڏئي تہ جيئن اسين خوشيون ماڻيون.