12 بيشڪ انسان کي سندس دولت موت کان بچائي نہ ٿي سگھي. هو حيوان جيان آهي جيڪو فنا ٿيو وڃي.
12 پر ماڻهو عزت جي حالت ۾ جٽاءُ نٿو ڪري: هو جانورن وانگر فنا ٿيو ٿا وڃن.
قابيل جي زال کي هڪ پٽ ڄائو جنهن جو نالو حنُوڪ رکيائين. پوءِ قابيل هڪ شهر ٻڌو ۽ ان جو نالو پنهنجي پٽ حنُوڪ جي نالي تي رکيائين.
اي خداوند! ڏس، تو منهنجي عمر رڳو گھڙيءَ، بلڪ هڪڙي پلڪ جيتري ڪئي آهي. هائو، تنهنجي آڏو منهنجي حياتي ڪين جهڙي آهي، بلڪ هر انسان جي زندگي تو رڳو ٻاڦ مثل ڪئي آهي.
بيشڪ انسان کي سندس دولت موت کان بچائي نہ ٿي سگھي. هو حيوان جيان آهي جيڪو فنا ٿيو وڃي.
تنهن هوندي بہ اوهين عام ماڻهن وانگر مرندا رهندءُ، ۽ هر دنياوي حاڪم وانگر ڪرندا رهندءُ.“
ڪنهن بہ انسان کي ڪا خبر ڪانهي تہ ڪڏهن ٿو ڏکيو وقت اچي مٿس ڪڙڪي. هائو، جيئن مڇيون موت جي ڄار ۾ ڦاسنديون آهن، يا جيئن پکي ڦندي ۾ ڦاسايا ويندا آهن، تيئن ئي اوچتو ئي اوچتو انسان بہ بُري وقت ۾ ڦاسي پوندا آهن، جڏهن مٿن آفت اچي ڪڙڪندي آهي.
هن ڪري جو پاڪ ڪلام چوي ٿو تہ ”هر انسان گاهہ مثل آهي، انهيءَ جو سمورو شان وَ شوڪت گاهہ جي گل وانگر آهي. گاهہ سڪي وڃي ٿو ۽ گل ڪري ٿو پوي.