4 ياد ڪريو تہ قومن جا بادشاهہ اچي پاڻ ۾ گڏ ٿيا هئا، ۽ صيئون جبل تي حملي ڪرڻ لاءِ ڪاهي آيا هئا.
4 ڇالاءِ جو ڏس بادشاهہ گڏ ٿيا، اهي گڏجي لنگهي ويا.
انهيءَ ڳالهہ جي ڪري ارام جو بادشاهہ ڏاڍي ڳڻتيءَ ۾ پئجي ويو. هن پنهنجي سالارن کي گھرائي کانئن پڇيو تہ ”توهان مان اهڙو ڪير آهي جيڪو اسرائيل جي بادشاهہ سان ٻڌل آهي؟“
اهو ئي سبب آهي جو هو ٻٽاڪ هڻي چوي ٿو تہ ”منهنجي لشڪر جو هر هڪ سالار بادشاهہ مثل آهي.
تڏهن فلستي ملڪ کان ايندڙ قاصدن کي اسين ڪهڙو جواب ڏيون؟ هنن لاءِ جواب هي آهي تہ خداوند ئي صيئون جبل کي کڙو ڪيو آهي، جنهن ۾ سندس قوم جا ڏکويل ماڻهو پناهہ وٺندا.
انهيءَ ڏينهن يهوداہ جا ماڻهو هي گيت ڳائيندا تہ ”اسان جو شهر يروشلم هڪ محفوظ شهر آهي، جنهن جي ڪوٽ جي حفاظت خدا پاڻ ٿو ڪري.
يهوداہ جو بادشاهہ آخز ولد يوتام ولد عُزياہ، جيڪو دائود جي نسل مان هو تنهن جي ڏينهن ۾ هيئن ٿيو جو ارام ملڪ جي بادشاهہ رضين ۽ بني اسرائيل جي بادشاهہ فقحہ ولد رملياہ يروشلم تي چڙهائي ڪئي، پر اهي غالب ٿي نہ سگھيا.
تڏهن انهيءَ پهرئين حيوان کي پڪڙيو ويو ۽ ڪوڙو پيغام ڏيندڙ انهيءَ ٻئي حيوان کي بہ ساڻس گڏ پڪڙيو ويو، جنهن پهرئين حيوان جي سامهون ماڻهن کي معجزا ڏيکاري گمراهہ ڪري ڇڏيو هو، تہ جيئن اهي پهرئين حيوان جو نشان هڻائين ۽ سندس بت جي پوڄا ڪن. اهي ٻيئي حيوان گندرف سان ڀڙڪندڙ باهہ جي ڍنڍ ۾ جيئرا ئي اڇلايا ويا.