Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




زبور 48:14 - Muslim Sindhi Bible

14 ”خدا هميشہ هميشہ تائين اسان جو خدا آهي، اهو ئي دنيا جي آخر تائين اسان جو هادي رهندو.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

14 ڇو تہ هي خدا هميشہ تائين اسان جو خدا آهي: هو موت تائين اسان جو سونهون ٿيندو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




زبور 48:14
13 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

تو پنهنجي قوم بني اسرائيل کي هميشہ جي واسطي پنهنجي قوم بڻايو ۽ تون، اي خداوند! انهن جو خدا بڻيو آهين.


اي خداوند! آءٌ چوان ٿو تہ تون منهنجو رب آهين. تو کان سواءِ منهنجي ڀلائي ڪرڻ وارو ڪوبہ ڪونهي.


جيڪي تنهنجا تابعدار آهن، تن کي سڌيءَ راهہ تي هلائين ٿو. هائو، پنهنجي تابعدارن کي تون پنهنجي واٽ ڏيکارين ٿو.


پر اي خداوند! منهنجي تو تي پوري توڪل آهي، تڏهن تہ آءٌ ائين ٿو چوان تہ ”منهنجو خدا تون ئي آهين.“


سو جڏهن آءٌ پوڙهو ۽ اڇي مٿي سان ٿيان، تڏهن بہ مون کي ڇڏي نہ ڏجانءِ، جيستائين ايندڙ پيڙهيءَ کي تنهنجي قدرت بابت نہ ٻڌايان.


تون پنهنجي هدايت سان منهنجي رهنمائي ڪندو رهندين، ۽ پوءِ آخرڪار تون شان سان مون کي قبول ڪندين.


توڙي جو منهنجو جسم ۽ جان ڳرندا ٿا وڃن، تہ بہ تون خدا ئي هميشہ تائين منهنجي طاقت ۽ منهنجي ميراث آهين.


آءٌ هميشہ سچائيءَ جي راهہ تي ۽ عدل جي رستن تي هلان ٿي،


آءٌ خداوند هميشہ اوهان جي رهنمائي ڪندس، ۽ رڻ‌پٽ ۾ بہ اوهان کي ڍاول رکندس. آءٌ اوهان کي مضبوط ۽ تندرست ڪندس. هائو، آءٌ اوهان کي اهڙي باغ وانگر ڪندس، جنهن کي جھجھو پاڻي ملندو هجي. اوهين اهڙي چشمي وانگر ٿيندا، جنهن جو پاڻي ڪڏهن بہ نہ ٿو سُڪي.


تنهن هوندي بہ جڏهن آءٌ خدا جي باري ۾ هيءَ ڳالهہ ياد ڪريان ٿو، تڏهن مون ۾ آس ۽ اميد وري موٽيو اچي.


جيستائين ڪڪر مقدس خيمي جي مٿان بيٺو هوندو هو، پوءِ ٻہ ڏينهن هجن يا هڪ مهينو هجي يا انهيءَ کان وڌيڪ عرصو هجي، تيستائين بني اسرائيل منزل ڪري ويٺا هوندا هئا ۽ روانا ڪين ٿيندا هئا. پر جڏهن اهو کڄندو هو تڏهن اهي منزل کڻي روانا ٿيندا هئا.


تنهن هوندي بہ جڏهن سچ جو روح ايندو، تڏهن اهو پوري سچائيءَ ڏانهن اوهان جي رهنمائي ڪندو. اهو پنهنجي طرفان ڪجھہ بہ نہ چوندو، پر خدا کان جيڪو ٻڌندو سو ئي چوندو ۽ ايندڙ وقت ۾ جيڪي ڳالهيون اوهان کي پيش اينديون سي اوهان کي کولي ٻڌائيندو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ