Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




زبور 48:11 - Muslim Sindhi Bible

11 سو تنهنجي صحيح فيصلن جي ڪري، شل تہ صيئون وارا خوشيون ڪن، بلڪ يهوداہ جي سڀني شهرن وارا خوش ٿين.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

11 تنهنجن فيصلن جي ڪري ڀلي تہ صيون جبل خوشيون ڪري، ۽ يهوداهہ جون ڌيئرون خوش ٿين.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




زبور 48:11
17 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

سچار جڏهن اهو بدلو ڏسندا تڏهن هو ڏاڍا خوش ٿيندا، ۽ بدڪارن جي رت ۾ پنهنجا پير ٻوڙيندا.


اي خداوند! تنهنجي انصاف وارن فيصلن سبب يروشلم وارا سرها ٿين ٿا، بلڪ يهوداہ جا سمورا شهر خوشيون ملهائين ٿا.


اي يروشلم جون عورتون! بيشڪ آءٌ رنگ جي سانوري آهيان پر حسين آهيان. هائو، اهڙي سانوري جهڙا قيدار جا بياباني تنبو، پر اهڙي سهڻي جهڙا سليمان جي محل جا پردا.


اي يروشلم جون نوجوان عورتون! آءٌ اوهان کي نازڪ هرڻين، ۽ ميدان جي ڄانگھن جو قسم ٿي ڏيان تہ مون سان واعدو ڪريو تہ جيستائين اسين پيار ۾ مشغول هجون، تيستائين اوهين اسان جي پيار ۾ رخنو نہ وجھنديون.


اي يروشلم جون جوان عورتون! آءٌ اوهان کي نازڪ هرڻين، ۽ ميدان جي ڄانگھن جو قسم ٿي ڏيان تہ مون سان واعدو ڪريو تہ جيستائين اسين پيار ۾ مشغول هجون، تيستائين اوهين اسان جي پيار ۾ رخنو نہ وجھنديون.


هن جا چپ چمڻ سان بيحد مٺا ٿا لڳن. هو مٿي کان پيرن تائين پيار ئي پيار آهي. اي يروشلم جون عورتون! اهو آهي منهنجو محبوب، اهو آهي منهنجو پيارو.


تنهن جي جواب ۾ هو سنحيرب کي فرمائي ٿو تہ ’اي سنحيرب! يروشلم شهر وارا تو کان نفرت ٿا ڪن، ۽ ٺٺوليون ڪندي تو تي کلن ٿا.


خداوند فرمائي ٿو تہ ”اي صيئون جا رهاڪؤ! ڏاڍا سرها ٿيو، هائو، اي يروشلم جا رهاڪؤ! خوشيءَ وچان نعرا هڻو. ڏسو، توهان جو بادشاهہ توهان وٽ اچي ٿو، جيڪو سچار ۽ فاتح آهي. انهيءَ هوندي بہ هو ايترو تہ حليم آهي، جو گڏهہ تي سوار آهي، هائو، گڏهِہ جي ٻچي تي.


دنيا جي هڪڙيءَ ڪنڊ کان وٺي ٻيءَ ڪنڊ تائين ٻين قومن ۾ منهنجي واکاڻ پئي ٿئي. هر هنڌ منهنجي لاءِ لوبان پيا ٻارين ۽ پاڪ نذرانا پيا پيش ڪن. درحقيقت انهن قومن ۾ منهنجو نالو ساراهيو وڃي ٿو.


عيسيٰ ڦري هنن کي چيو تہ ”اي يروشلم جون نياڻيون! منهنجي لاءِ نہ روئو، بلڪ پنهنجي لاءِ ۽ پنهنجن ٻچن لاءِ روئو،


اي خداوند! تو کان ڪير نہ ڊڄندو؟ تنهنجي نالي جي تعظيم ڪير نہ ڪندو؟ ڇاڪاڻ تہ رڳو تون ئي پاڪ آهين. سڀيئي قومون اچي تنهنجي اڳيان سجدو ڪنديون، ڇاڪاڻ تہ تنهنجي انصاف جا ڪم ظاهر ٿيا آهن.“


مون هي بہ ٻڌو تہ ”اي آسمان! انهيءَ شهر تي خوشيون ڪر، اي مسيح ۾ چونڊي پاڪ ڪيلؤ! اي عيسيٰ بابت خوشخبري ۽ خدا جو پيغام ٻڌائيندڙؤ! اوهين انهيءَ شهر تي خوشيون ڪريو، ڇاڪاڻ تہ خدا عدالت ڪري هن کان اوهان جو بدلو وٺي ٿو.“


اي خداوند! ڀل تنهنجا سڀ دشمن ائين برباد ٿين. تو کي پيار ڪرڻ وارا ڀل انهيءَ سج جيان هجن، جيڪو پوري آب وَ تاب سان اُڀري ٿو.“ پوءِ ملڪ ۾ چاليهن سالن تائين امن وَ امان رهيو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ