Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




زبور 48:1 - Muslim Sindhi Bible

1 خداوند عظيم ۽ وڏيءَ ساراهہ جي لائق آهي. اسان جي خدا جو شهر، جيڪو سندس مقدس جبل تي آهي،

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

1 اسان جي خدا جي شهر ۾، ۽ پنهنجي پاڪ جبل تي، خداوند عظيم آهي، ۽ وڏيءَ تعريف جي لائق آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




زبور 48:1
31 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

پوءِ لاوين مان يشوع، قدمي‌ايل، باني، حسبنياہ، سريبياہ، هودياہ، سبنياہ ۽ فتحياہ چيو تہ ”اُٿي بيهو ۽ خدواند پنهنجي ابدي خدا جي واکاڻ ڪريو.“ تڏهن بني اسرائيل هيءَ دعا گھري تہ ”اي خداوند! شل تنهنجو عظمت وارو نالو سڳورو هجي، جيڪو هر تعريف ۽ واکاڻ کان اعليٰ آهي.


اي خداوند! بيشڪ تون عظيم ۽ واکاڻ جي لائق آهين، بلڪ تنهنجي عظمت سوچ کان بہ مٿاهين آهي.


اسان جو خداوند عظيم ۽ وڏيءَ قدرت وارو آهي. هن جي حڪمت جو ڪو ئي بہ ڪاٿو ناهي.


هو کين چوي ٿو تہ ”مون تہ پنهنجي پاڪ جبل صيئون تي، پنهنجو ئي بادشاهہ مقرر ڪيو آهي.“


اي خداوند! تنهنجي واکاڻ هجي، ڇوجو تو مون کي سرفراز ڪيو آهي. تو منهنجي دشمنن کي مون تي خوش ٿيڻ ڪين ڏنو آهي.


جيئن ڪا هرڻي پاڻيءَ جي چشمن لاءِ ٿي سِڪي، اي خدا! تيئن ئي آءٌ تو لاءِ پيو سِڪان.


خدا اسان جي پناهہ ۽ اسان جي طاقت آهي. اهو مصيبت جي وقت تي هر دم تيار مددگار آهي.


هڪڙي اهڙي ندي آهي جنهن جون نهرون خدا جي شهر کي سَرهائي ڏين ٿيون، هائو، انهيءَ شهر کي جيڪو خدا تعاليٰ جو مقدس گھر آهي.


خدا قومن مٿان حڪومت ڪري ٿو، هو پنهنجي پاڪ تخت تي ويٺو آهي.


اي خدا! صيئون ۾ تنهنجي واکاڻ ڪرڻ لازمي آهي، ۽ اهو بہ تہ تو وٽ باسيل باسون پوريون ڪيون وڃن.


بلڪ هن يهوداہ جي قبيلي کي انهيءَ جي لاءِ چونڊي ڪڍيو، يعني صيئون جبل کي چونڊيائين، جنهن سان کيس ڏاڍو پيار هو.


بيشڪ تون عظيم آهين ۽ تنهنجا ڪم عجيب آهن، ڇاڪاڻ تہ رڳو تون ئي خدا آهين.


خداوند پنهنجو شهر پاڪ جبل صيئون تي اَڏايو آهي.


اي خدا جا شهر! ڏس، تنهنجي باري ۾ ڪيڏيون نہ چڱيون ڳالهيون ڪيون وڃن ٿيون.


ڇاڪاڻ تہ خداوند عظيم ۽ سڀني تعريفن جي لائق آهي. بيشڪ سڀني معبودن جي ڀيٽ ۾ خدا ئي تعظيم جي لائق آهي.


اوهين خداوند اسان جي خدا جي ساراهہ ڪريو، ۽ سندس پاڪ جبل تي سجدو ڪريو. بيشڪ خداوند اسان جو خدا ئي پاڪ آهي.


انهيءَ ڏينهن وڏي آواز سان نفيل وڄائي ويندي، تان‌تہ اشور ۽ مصر ملڪ ۾ جلاوطن ٿيل سڀيئي بني اسرائيل موٽي اچن. سو اهي موٽي ايندا ۽ پاڪ جبل تي اڏيل شهر يروشلم ۾ اچي خداوند جي عبادت ڪندا.


قادرِمطلق خداوند، بني اسرائيل جو خدا فرمائي ٿو تہ ”جڏهن آءٌ اوهان جي خوشحالي بحال ڪندس، تڏهن ماڻهو يهوداہ جي شهرن بلڪ سڄي ملڪ ۾ وري هيئن چوندا تہ ’اي پاڪ جبل صيئون! جيڪو سچائيءَ سان ڀرپور آهين، شل خداوند تو کي برڪتون عطا ڪندو رهي.‘


خداوند فرمائي ٿو تہ ”پر صيئون جي جبل تي يروشلم وارن مان ڪي بچي ويندا، ۽ اهو جبل وري مون لاءِ مخصوص ڪيو ويندو. بلڪ بني يعقوب وارا ٻيهر پنهنجي ملڪيت جا وارث بڻبا.


ايندڙ ڏينهن ۾ هيئن ٿيندو جو خداوند جي هيڪل وارو جبل صيئون، سڀني جبلن کان مٿاهون ڪيو ويندو. هائو، اهو سڀني جبلن کان بلند ڪيو ويندو، ۽ سڀني قومن جو وهڪرو انهيءَ ڏانهن هوندو.


سو آءٌ يروشلم ۾ موٽي ايندس ۽ پنهنجي جبل صيئون تي اچي رهندس. پوءِ يروشلم وفادارن جو شهر سڏبو ۽ مون قادر‌مطلق خداوند جو جبل صيئون، پاڪ جبل سڏبو.


”جڏهن اوهين ’بربادي آڻيندڙ مڪروهہ شيءِ‘ کي مقدس هيڪل ۾ رکيل ڏسو، جنهن بابت دانيال نبيءَ جي معرفت ٻڌايو ويو آهي (جيڪو هي پڙهي سو ضرور ان بابت سمجھڻ جي ڪوشش ڪري)،


ڏسو، اوهين سينا جبل وٽ اچڻ وارن جيان نہ، پر صيئون جبل تي زندہ خدا جي شهر وارن جيان خدا جي حضور ۾ آيا آهيو. اتي آسماني يروشلم وٽ جشن ملهائيندڙ بي‌شمار ملائڪن جي محفل آهي.


ان وقت تخت جي پاسي کان هڪڙو آواز آيو تہ ”اي خدا جا ٻانهؤ، ننڍؤ توڙي وڏؤ! اوهين جيڪي سندس خوف ٿا رکو، سي سڀ اسان جي خدا جي واکاڻ ڪريو.“


مون پاڪ شهر، يعني نئون يروشلم خدا وٽان آسمان مان هيٺ لهندي ڏٺو. اهو انهيءَ ڪنوار وانگر تيار ڪيو ويو هو، جيڪا پنهنجي گھوٽ لاءِ سينگاري ويندي آهي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ