5 خداوند خدا مٿي عرش تي پنهنجي تخت تي چڙهي ٿو، خوشيءَ جا نعرا لڳن ٿا ۽ نفيلون وڄايون وڃن ٿيون.
5 خداوند بلند آواز سان، ۽ خداوند تريءَ جي آواز سان مٿي چڙهيو آهي.
اهڙيءَ طرح دائود ۽ سڄي بني اسرائيل جي ماڻهن خوشيءَ جا نعرا هڻندي ۽ نفيلون وڄائيندي خداوند جي صندوق آندي.
شبنياہ، يهوسفط، نتنيايل، عماسي، زڪرياہ، بناياہ ۽ اليعزر جيڪي ڪاهن هئا، سي خداوند جي عهد واري صندوق جي اڳيان شرنايون وڄائڻ تي مقرر ڪيا ويا. عوبيدادوم ۽ يحياہ عهد واري صندوق لاءِ پڻ دربان ٿيا.
سو بني اسرائيل جا سڀيئي ماڻهو خوشيءَ وچان نعرا هڻندي ۽ نفيلون، شرنايون، ٽليون ۽ تارن وارا ساز وڄائيندي خداوند جي عهد واري صندوق يروشلم ۾ کڻي آيا.
هيمان ۽ يدوتون شرنايون ۽ ٽليون وڄائڻ تي مقرر هئا. خدا جا گيت ڳائڻ لاءِ هو ٻين سازن وڄائڻ تي پڻ مقرر هئا. بني يدوتون وارا ٻاهرئين دروازي تي دربان مقرر ڪيا ويا.
نفيلن جي آواز سان گڏ اوهين سندس واکاڻ ڪريو، سارنگين ۽ دنبورن سان گڏ اوهين سندس واکاڻ ڪريو.
هائو، انهيءَ جي واکاڻ ڳايو، جيڪو آسمانن تي سواري ڪري ٿو، انهن آسمانن تي جيڪي ازل کان قائم آهن. ڏسو، هو پنهنجو آواز ٻڌائي ٿو، جيڪو قدرت وارو آواز آهي.
پر نيٺ ڌڻي ڄڻ ننڊ مان جاڳي اٿيو، انهيءَ مئي ۾ مخمور جنگي جوڌي وانگر، جيڪو هڪدم وڙهڻ لاءِ اُٿي کڙو ٿئي.
اوهين نئين چنڊ نڪرڻ تي ۽ چوڏهينءَ جي چنڊ تي، يعني پنهنجن وڏن ڏينهن جي شروعات تي نفيلون وڄايو.
اوهين شرنايون ۽ نفيلون وڄائي، خداوند بادشاهہ جي آڏو خوشيءَ جا نعرا هڻو.
مون اهو بہ قسم کنيو هو تہ آءٌ کين مصر ملڪ مان ڪڍي انهيءَ ملڪ ۾ آڻيندس، جيڪو مون اڳ ۾ ئي هنن لاءِ چونڊي ڇڏيو هو، جتي آسودگي ۽ خوشحالي آهي ۽ جيڪو سڀني کان شاندار ملڪ آهي.
سو خداوند، بني اسرائيل جو خدا قسم کڻي ٿو فرمائي تہ ”آءٌ سندن بدڪارين مان ڪا هڪڙي بہ ڪين وساريندس.
ياد رکو، منهنجي اها لعنت اوهان جي نسلن تائين اوهان تي پوندي رهندي. آءٌ اوهان جي قربان ڪيل جانورن جو اوجھہ اوهان جي منهن تي ملي ڇڏيندس. اوهين انهيءَ ڇيڻي سان گڏ منهنجي حضور کان ٻاهر گند ڪچري واري جاءِ ۾ اڇلايا ويندا.
خداوند خدا بني يعقوب جو بادشاهہ آهي، ۽ هو ساڻن گڏ رهي ٿو. سو هو بني اسرائيل کي هر مشڪل ۽ مصيبت کان دور ٿو رکي.
اهو ملائڪن جي سردار جي آواز سان ۽ خدا طرفان توتاري وڄڻ سان ٿيندو. ان وقت خداوند عيسيٰ وڏي واڪي حڪم ڏيندي پاڻ آسمان مان هيٺ لهندو. تڏهن جيڪي مسيح تي ايمان رکندي مري ويا آهن سي پهريائين جيئرا ٿي اٿندا.
انهيءَ سچ بابت اسان کي ڪو شڪ ناهي، بلڪ دينداريءَ جو اهو راز عظيم آهي، يعني هو جسم ۾ ظاهر ٿيو ۽ پاڪ روح ۾ سچو ثابت ٿيو. هو ملائڪن کي ڏسڻ ۾ آيو ۽ قومن ۾ سندس منادي ڪئي ويئي. دنيا ۾ مٿس ايمان آندو ويو ۽ مٿي عظيم خدا جي تخت ڏانهن کنيو ويو.
پوءِ هو نفيلن سان هڪڙو ڊگھو آواز ڪن. جيئن ئي اوهين اهو ٻڌو تيئن سڀ هڪ وڏو واڪو ڪجو، تہ شهر جو ڪوٽ اتي ئي ڪري پوندو. پوءِ هر ڪو ڄڻو پنهنجي نڪ سامهون شهر ۾ ڪاهي پوي.“
جڏهن ستين ملائڪ توتارو وڄايو تہ آسمان ۾ وڏا آواز ٻڌڻ ۾ آيا جن چيو ٿي تہ ”دنيا جي بادشاهي اسان جي خداوند خدا ۽ سندس مسيح جي ٿي ويئي آهي. خداوند خدا هميشہ هميشہ تائين بادشاهي ڪندو رهندو.“