Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




زبور 47:4 - Muslim Sindhi Bible

4 هن اسان جي لاءِ اسان جو ورثي وارو ملڪ چونڊي ڪڍيو آهي، جيڪو بني اسرائيل جو فخر آهي، جن سان هو پيار ٿو ڪري.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

4 هو اسان لاءِ اسان جو ورثو چونڊي ڪڍندو، جو سندس محبوب يعقوب جي حشمت آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




زبور 47:4
19 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

هائو، اهي ملڪ هن پنهنجي بندن، يعني بني اسرائيل کي ميراث ڪري ڏنا، جو انهيءَ جو رحم هميشہ هميشہ تائين قائم آهي.


جيڪي تنهنجا چونڊيل آهن سي بيشڪ افضل آهن، انهن سان گڏجي رهڻ سان مون کي پوري خوشي ملي ٿي.


بيشڪ تو کي ڇڏي ڏنو ويو هو، ۽ تو کان نفرت ڪئي ويئي هئي، ايتري قدر جو ڪو ماڻهو تو منجھان لنگھيو بہ ڪين ٿي. پر هاڻ آءٌ تو کي هميشہ جي لاءِ اعليٰ مرتبو بخشيندس، ۽ پيڙهي بہ پيڙهي تو کي خوشين جو باعث بڻائيندس.


خداوند فرمائي ٿو تہ ”اي منهنجي قوم! منهنجو ارادو هو تہ آءٌ تو کي پنهنجي اولاد جو رتبو ڏيان، ۽ تو کي سٺو ملڪ، يعني ٻين قومن کان چڱي ۾ چڱو ملڪ ورثو ڪري ڏيان. مون سوچيو هو تہ تون مون کي پنهنجو پيءُ ڪري سڏيندينءَ، ۽ منهنجي فرمانبرداري ڪرڻ کان ڦري نہ ويندينءَ.


مون اهو بہ قسم کنيو هو تہ آءٌ کين مصر ملڪ مان ڪڍي انهيءَ ملڪ ۾ آڻيندس، جيڪو مون اڳ ۾ ئي هنن لاءِ چونڊي ڇڏيو هو، جتي آسودگي ۽ خوشحالي آهي ۽ جيڪو سڀني کان شاندار ملڪ آهي.


خداوند فرمائي ٿو تہ ”اسرائيل وارن جيڪا سرڪشي ڪئي آهي، سا آءٌ کين معاف ڪري ڇڏيندس. آءٌ کُليءَ دل سان ساڻن پيار ڪندس، ڇاڪاڻ تہ هاڻي هنن مٿان منهنجو غصو ٽري ويو آهي.


خداوند قادرِمطلق خدا، هائو، خداوند خدا پنهنجي ذات جو قسم کڻي ٿو فرمائي تہ ”آءٌ اسرائيل وارن جي وڏائيءَ کي ڌڪاريان ٿو، ۽ سندن محلاتن کان نفرت ٿو ڪريان. تنهنڪري آءٌ سندن گاديءَ وارو شهر، ۽ جيڪي ڪجھہ منجھس آهي، سو دشمنن جي حوالي ڪري ڇڏيندس.“


سو خداوند، بني اسرائيل جو خدا قسم کڻي ٿو فرمائي تہ ”آءٌ سندن بدڪارين مان ڪا هڪڙي بہ ڪين وساريندس.


پر يقيناً خداوند بني اسرائيل جون رونقون اڳي وانگر وري بحال ڪندو، توڙي جو تباهي ڪندڙن کين ويران ڪري ڇڏيو آهي، ۽ سندن شاخون وڍي ڇڏيون آهن.


خداوند پنهنجي قوم کي فرمائي ٿو تہ ”مون اوهان سان محبت رکي.“ پر اهي چون ٿا تہ ”تو ڪهڙيءَ ڳالهہ ۾ اسان سان محبت ظاهر ڪئي آهي؟“ خداوند وراڻي ٿو ڏئي تہ ”عيسو ۽ يعقوب پاڻ ۾ ڀائر هئا، تڏهن بہ مون يعقوب سان ۽ سندس نسل سان محبت رکي


پوءِ بادشاهہ پنهنجي ساڄي پاسي وارن کي چوندو تہ ’اوهين جيڪي منهنجي پيءُ جي طرفان سڀاڳا آهيو، سي اچو ۽ منهنجي بادشاهيءَ ۾ رهو، جيڪا دنيا جي خلقڻ کان وٺي اوهان جي لاءِ ميراث طور تيار ڪئي ويئي آهي،


آءٌ هيءَ بہ دعا گھرندو آهيان تہ اوهان جون دليون روشن ٿين، تہ جيئن اوهين سمجھي وٺو تہ خدا جنهن اميد لاءِ اوهان کي سڏيو آهي سا ڪيڏي نہ وڏي آهي، مسيح ۾ چونڊي پاڪ ڪيلن لاءِ سندس ميراث ڪيڏي نہ عظيم آهي


خداوند اوهان جو خدا انهيءَ ملڪ جي سنڀال لهي ٿو. سال جي شروعات کان وٺي پڇاڙيءَ تائين خداوند اوهان جي خدا جي نظر سدائين انهيءَ تي ٿي رهي.


خداوند کي پنهنجي قوم سان محبت آهي، ۽ اهي چونڊيل ماڻهو سندس حفاظت منجھہ آهن. اهي سڀيئي هن جي تابعداري ڪندي سندس هدايتن تي هلن ٿا.


تہ اسين هڪ غيرفاني، بي‌داغ ۽ لازوال ورثو حاصل ڪريون، جيڪو ايمان وارن لاءِ عرش عظيم تي رکيل آهي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ