3 بيشڪ هن ئي قومن کي اسان جي تابع ڪيو آهي. هائو، هن انهن کي اسان جي پيرن هيٺ ڪري ڇڏيو آهي.
3 هو قومن کي اسان جي تابع ڪندو، ۽ ملڪن کي اسان جي پيرن هيٺ آڻيندو.
خداوند منهنجي مالڪ بادشاهہ کي هيئن فرمايو هو تہ ”آءٌ تنهنجي دشمنن کي تنهنجي پيرن هيٺان ڪندس. تون منهنجي ساڄي پاسي ويٺو ڏس.“
اهو خدا، جنهن مون کي بدلي وٺڻ جي سگھہ ڏني، ۽ جنهن غير قومن کي مات ڪري منهنجي تابع ڪيو،
اچو، اچي ڏسو تہ خدا ڇا ڇا ڪيو آهي. هو بني آدم جي وچ ۾ هيبتناڪ ڪم ٿو ڪري.
پوءِ آءٌ اوهان جي ويرين جي خلاف پنهنجو هٿ کڻان، ۽ اوهان جي دشمنن کي سگھو ئي شڪست ڏيئي ڇڏيان.
خداوند ئي عظيم خدا آهي. هو ئي سڀني معبودن جي مٿان عظيم بادشاهہ آهي.
خداوند صيئون ۾ عظمت وارو آهي، هو سڀني قومن مٿان بلند وَ بالا آهي.
اي قومن جا بادشاهہ! ڪير نہ تنهنجو خوف رکندو؟ ڇو تہ رڳو تون ئي انهيءَ لائق آهين. قومن جي سڀني دانائن ۾، ۽ انهن جي سڀني بادشاهتن ۾ تو جهڙو ٻيو ڪوبہ ڪونهي.
سڄيءَ دنيا تي خداوند جي ئي بادشاهي هوندي. ان ڏينهن رڳو خداوند کي ئي معبود مڃيو ويندو ۽ رڳو سندس ئي عبادت ڪئي ويندي.
سو لعنت آهي اهڙي دغاباز تي جنهن جي ڌڻ ۾ باسيل بيعيب نر موجود تہ آهي، پر تنهن هوندي بہ هو مون پروردگار لاءِ عيب وارو جانور قربان ٿو ڪري. آءٌ وڏو بادشاهہ آهيان ۽ دنيا جون سڀ قومون منهنجو ادب ڪن ٿيون.“
اهو ضروري آهي تہ مسيح تيستائين حڪمراني ڪري، جيستائين هو سڀني دشمنن کي پنهنجي قدمن هيٺان نہ ڪري.
اي بني اسرائيل! اوهين ڪيڏا نہ سڀاڳا آهيو! اوهان جهڙي ٻي ڪابہ قوم ناهي، جنهن کي خداوند پاڻ بچايو هجي. اهو ئي ڍال جيان اوهان جي حفاظت ٿو ڪري، ۽ اهو ئي اوهان جي حشمت واري تلوار آهي. سو اوهان جا دشمن اوهان وٽ اچي پيش پوندا، ۽ اوهين ٽڪرن تي ٺهيل سندن پوڄا گھرن کي لتاڙي ناس ڪندا.“
هو پنهنجي انهيءَ قدرت سان، جنهن جي ذريعي هر شيءِ کي پنهنجي هٿ هيٺ آڻي ٿو سگھي، اسان جي خسيس بدن کي بدلائي پنهنجي عظمت واري بدن جي صورت جهڙو ڪندو.
خداوند هنن کي هر طرف کان آرام ڏنو، جيئن هن سندن ابن ڏاڏن سان قسم کنيو هو. سندن سڀني دشمنن مان ڪو هڪڙو بہ سندن اڳيان نہ بيهي سگھيو، ڇو تہ خداوند کين سندن سڀني دشمنن تي فتح ڏني.