1 اي سموريون قومون! اوهين خوشيءَ مان تاڙيون وڄايو. اوهين وڏي آواز سان خدا جي واکاڻ ڳايو،
1 اي سڀ قومون تاڙيون وڄايو، فتح جي آواز سان خدا لاءِ خوشي ڪريو.
اهڙيءَ طرح دائود ۽ سڄي بني اسرائيل جي ماڻهن خوشيءَ جا نعرا هڻندي ۽ نفيلون وڄائيندي خداوند جي صندوق آندي.
تنهن کان پوءِ يهويدع ڪاهن بادشاهہ جي پٽ يوآس کي ٻاهر وٺي آڻي مٿس تاج رکيو ۽ بادشاهي ڪرڻ جي قاعدن قانونن جو ڪتاب سندس حوالي ڪيو. پوءِ يوآس کي مسح ڪري بادشاهہ مقرر ڪيو ويو ۽ ماڻهن تاڙيون وڄائي چيو تہ ”خدا شل بادشاهہ کي سلامت رکي!“
۽ لشڪر وارن جنگ جو نعرو هنيون تيئن ئي خدا يهوداہ جي بادشاهہ ابياہ ۽ سندس لشڪر جي اڳيان اسرائيل جي بادشاهہ يربعام کي سندس لشڪر سميت شڪست ڏني.
اي خداوند اسان جا خدا! اسان کي بچاءِ. اسان کي ڌارين قومن مان ڪڍي پنهنجي وطن ۾ آڻي گڏ ڪر، تانتہ اسين تنهنجو شڪر ادا ڪندا رهون، ۽ تنهنجي نالي جي حمد وَ ثنا تي فخر پيا ڪريون.
جيئن ڪا هرڻي پاڻيءَ جي چشمن لاءِ ٿي سِڪي، اي خدا! تيئن ئي آءٌ تو لاءِ پيو سِڪان.
خدا اسان جي پناهہ ۽ اسان جي طاقت آهي. اهو مصيبت جي وقت تي هر دم تيار مددگار آهي.
خداوند خدا مٿي عرش تي پنهنجي تخت تي چڙهي ٿو، خوشيءَ جا نعرا لڳن ٿا ۽ نفيلون وڄايون وڃن ٿيون.
اي ڌرتيءَ جا سڀيئي رهاڪؤ! خداوند لاءِ خوشيءَ مان نعرا هڻو. جوش وَ جذبي سان خوشيءَ جا گيت ڳائي واکاڻ ڪريو.
سڀ درياءَ تاڙيون وڄائين، ۽ پهاڙ گڏجي خوشيءَ سان ڳائين،
هاڻي اوهين بابل مان خوشيون ڪندي نڪري ايندا، ۽ سلامتيءَ سان روانا ڪيا ويندا. جبل ۽ ٽڪريون اوهان جي اڳيان گيت ڳائڻ لڳندا، ۽ سڀيئي وڻ تاڙيون وڄائيندا.
خداوند فرمائي ٿو تہ ”يعقوب جي نسل لاءِ خوشيءَ جا گيت ڳايو، قومن جي هن سردار قوم لاءِ نعرا هڻو. هائو، نعرا هڻو ۽ واکاڻ ڪندي چئو تہ ’اي خداوند! تون ئي پنهنجي قوم بني اسرائيل جي باقي بچي ويلن کي ڇڏائڻ وارو آهين.‘
اي بني اسرائيل! توهين گيت ڳايو ۽ خوشيءَ وچان نعرا هڻو. اي يروشلم وارؤ! پنهنجي پوريءَ دل سان خوشيون ڪريو ۽ سرها ٿيو.
جبل جيڏيون رڪاوٽون بہ تنهنجي اڳيان پٽ پڌر ٿي وينديون. تون هيڪل ٺهرائيندين ۽ جڏهن تون هيڪل جي چوٽيءَ تي آخري پٿر آڻي رکندين، تڏهن ماڻهو نعرا هڻي چوندا تہ ’خدا جو شڪر آهي! خدا جو شڪر آهي!‘“
خداوند فرمائي ٿو تہ ”اي صيئون جا رهاڪؤ! ڏاڍا سرها ٿيو، هائو، اي يروشلم جا رهاڪؤ! خوشيءَ وچان نعرا هڻو. ڏسو، توهان جو بادشاهہ توهان وٽ اچي ٿو، جيڪو سچار ۽ فاتح آهي. انهيءَ هوندي بہ هو ايترو تہ حليم آهي، جو گڏهہ تي سوار آهي، هائو، گڏهِہ جي ٻچي تي.
تڏهن سموئيل سڀني ماڻهن کي چيو تہ ”اوهين ڏسو ٿا تہ جنهن ماڻهوءَ کي خداوند چونڊيو آهي، تنهن جهڙو سڄيءَ قوم ۾ ٻيو ڪوبہ ڪونهي.“ تڏهن سڀني ماڻهن نعرو هڻي چيو تہ ”شل بادشاهہ سلامت رهي.“