Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




زبور 46:3 - Muslim Sindhi Bible

3 توڙي سمنڊ جو پاڻي گجگوڙ ڪري ۽ ڇوليون هڻي، ۽ انهن جي ٽڪرائجڻ سان جبل لڏي وڃن.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

3 جيتوڻيڪ ان جو پاڻي گجگوڙ ڪري ۽ لهرون هڻي ۽ ان جي چڙهڻ ڪري جبل لڏي وڃن.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




زبور 46:3
17 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

خداوند کيس چيو تہ ”ٻاهر نڪر ۽ جبل تي مون خداوند جي حضور ۾ هلي بيهہ. آءٌ خداوند اتان لنگھڻ وارو آهيان.“ انهيءَ ئي مهل سخت زوردار طوفان لڳڻ ڪري جبل ڦاٽي پيا ۽ ٽڪرَ ڀورا ڀورا ٿي ويا، پر خداوند طوفان ۾ ڪونہ هو. طوفان کان پوءِ زلزلو آيو، پر خداوند زلزلي ۾ بہ ڪونہ هو.


مون انهيءَ کي چئي ڇڏيو تہ ’تون هيستائين ايندين، پر اڳتي نہ وڌندين، ۽ هتي تنهنجي طاقتور ڇولين جو زور ٽٽي پوندو.‘


موت جي ڇولين مون کي وڪوڙي ڇڏيو هو، هائو، برباديءَ جي ٻوڏ مون کي ٻوڙي ڇڏيو هو.


تڏهن منهنجي محبوب چيو تہ ”ٻڌو، اي يروشلم بلڪ سڄي يهوداہ جا رهاڪؤ! آءٌ اوهان کي عرض ٿو ڪريان تہ منهنجي ۽ انگورن جي باغ جي وچ ۾ اوهين ئي فيصلو ڪريو.


آءٌ خداوند تو تي رحم ڪرڻ وارو چوان ٿو تہ توڙي جو جبل لڏي وڃن ۽ ٽڪريون هٽجي وڃن، تڏهن بہ منهنجي رحمت تو تان نہ هٽندي، نڪي منهنجي سلامتيءَ واري عهد ۾ ئي ڪا ڦيرڦار ايندي.“


جبلن ڏانهن نهاريم، ڇا ڏسان تہ اهي ڏڪن ٿا پيا. ٽڪرين ڏانهن نهاريم، ڇا ڏسان تہ اهي سڀ هيڏي هوڏي پيون لرزن.


اوهين مون خداوند کان ڇو نہ ٿا ڊڄو؟ اوهين منهنجي سامهون ڇو نہ ٿا ڏڪو؟ مون سمنڊ کي واريءَ جو ڪنارو ڏنو آهي. اهو اهڙو تہ مستقل ڪنارو آهي، جنهن کان هو ٽپي نہ ٿو سگھي. ان جون ڇوليون ڀل اٿلون کائين، پر اُهي ڪناري کان ٽپي نہ ٿيون سگھن، اُهي ڀل تہ گجگوڙون ڪن پر ان کي اورانگھي نہ ٿيون سگھن.


پوءِ سندس پيرن جي بار ڪري جبل ائين رجي ويندا، جيئن باهہ ۾ ميڻ رجيو وڃي. جبلن جي رجڻ سان ائين گھارا بڻجي ويندا، جيئن جبلن تان پاڻيءَ جي وهڻ ڪري بڻبا آهن.


هن جي اڳيان جبل بہ ڏڪڻ لڳن ٿا، ۽ پهاڙ بہ پگھرجي وڃن ٿا. زمين هن جي اڳيان ڪنبڻ لڳي ٿي، هائو، سڄي دنيا پنهنجي رهاڪن سميت ٿڙڪڻ لڳي ٿي.


جيتوڻيڪ مينهن ان گھر تي ڏاڍو وسڪارو لاتو، ٻوڏ اچي وڪوڙيس ۽ طوفان سخت سٽون ڏنس تڏهن بہ اهو نہ ڪريو، ڇاڪاڻ تہ اهو ٽڪر تي اڏيل هو.


سڀيئي ٻيٽ غائب ٿي ويا ۽ جبلن جو نالو نشان بہ ڪونہ رهيو.


پوءِ ملائڪ مون کي چيو تہ ”جن دريائن جي ڀرسان تو ڪسبياڻيءَ کي ويٺل ڏٺو، سي قومون، قبيلا، ٻولين وارا ۽ ذاتيون آهن.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ