2 تنهنڪري اسان کي ڪو خوف ڪونهي، توڙي ڌرتي ڌڏي اٿلي پوي يا جبل سمنڊ جي تري ۾ وڃي پون،
2 تنهن ڪري اسان کي ڪو خوف ڪونهي. جيتوڻيڪ زمين اُٿلي پوي، ۽ جبل سمنڊ جي تهہ ۾ وڃي پون.
خدا ئي منهنجو محافظ آهي، جنهن وٽ آءٌ پناهہ وٺان ٿو. هو منهنجي حفاظت ڪري مون کي بچائي ٿو، هائو، هو ئي منهنجي جاءِپناهہ آهي. اهو ئي ظالمن جي هٿان منهنجو بچائيندڙ آهي.
جيئن تہ آءٌ ڏاڍو نااميد ٿي پيو آهيان، سو تون منهنجيءَ دانهن تي ڌيان ڏي، ۽ مون کي ستائيندڙن کان ڇڏاءِ، ڇوجو اهي مون کان وڌيڪ طاقتور آهن.
پوءِ ڌرتي ڌڏي ويئي ۽ ڏڪڻ لڳي، جبلن جي بنيادن ۾ پڻ جنبش اچي ويئي. هائو، جڏهن خداوند ڪاوڙيو تہ اهي بہ لرزڻ لڳا.
توڙي جو کڻي آءٌ موت جي پاڇي وارين وادين مان لنگھندس، تڏهن بہ آءٌ ڪنهن کان ڪين ڊڄندس، ڇوجو تون مون سان آهين. هائو، تنهنجي لٺ ۽ لڪڻ منهنجي دلجاءِ جو سبب آهن.
توڙي جو ڪو لشڪر اچي منهنجي چوڌاري گھيرو ڪندو، تڏهن بہ منهنجيءَ دل کي ڪو خوف نہ ٿيندو. توڙي جو منهنجي مٿان ڪا جنگ اچي ڪڙڪندي، تڏهن بہ منهنجي توڪل خدا تي ئي رهندي.
خداوند منهنجي طاقت آهي ۽ اهو ئي منهنجو محافظ آهي. مون هن تي توڪل ڪئي ۽ کانئس مون کي مدد ملي آهي، سو منهنجي دل ڏاڍي خوش آهي. هاڻ آءٌ سندس شڪراني جا گيت پيو ڳائيندس.
خداوند سچارن کي بچائي وٺي ٿو. اهو ئي مصيبت جي وقت تي سندن جاءِپناهہ آهي.
اي منهنجي طاقت خدا! آءٌ تنهنجي تعريف ڳائيندس، ڇوجو اي خدا! تون ئي تہ منهنجي پناهہ آهين. تون ئي تہ مون تي دائمي شفقت ڪرڻ وارو آهين.
اي منهنجي قوم وارؤ! اوهين هر وقت انهيءَ تي ئي ڀروسو رکو. اوهين پنهنجي دل جون ڳالهيون خدا آڏو کولي رکو، هو ئي تہ اسان جي پناهہ آهي.
سڀيئي انسان پوءِ ادنيٰ هجن توڙي اعليٰ، سي بيبقا ۽ رڳو ٺڳيءَ جو ٺاهہ آهن. جيڪڏهن اهي تارازيءَ ۾ توريا وڃن تہ بلڪل ئي هلڪا نڪرن. هائو، اهي سڀ جو سڀ هڪ ڦوڪ کان بہ هلڪا آهن.
اوهين نڪي ڪجھہ ڄاڻو ٿا ۽ نہ وري سمجھو ٿا، بلڪ اونداهيءَ ۾ پيا ڀٽڪو ٿا. تنهنڪري ڌرتيءَ تان انصاف ختم ٿي ويو آهي.
خداوند کي اوهين هيئن چئو تہ ”اي اسان جي پناهہ ۽ اسان جا قلعا! تون ئي اسان جو خدا آهين جنهن تي اسان کي ڀروسو آهي.“
اي بني اسرائيل جي اميد! اي مصيبت ۾ اسان کي بچائيندڙ! ڇو تون پنهنجي ملڪ ۾ ڌارين وانگر ٿو رهين؟ ڇو تون انهيءَ مسافر وانگر ٿو رهين، جنهن کي رڳو هڪڙي رات رهڻي هجي؟
بيشڪ، خداوند ڀلو آهي. هو مصيبت جي وقت جاءِپناهہ آهي. جيڪي مٿس ڀروسو رکن ٿا تن جي هو سنڀال ڪري ٿو.
عيسيٰ کين وراڻيو تہ ”آءٌ اوهان کي سچ ٿو چوان تہ جيڪڏهن اوهين يقين رکو ٿا ۽ ڪوبہ شڪ نہ ٿا آڻيو، تہ اوهين بہ ائين ئي ڪري سگھندا جيئن مون هن انجير جي وڻ سان ڪيو. نہ رڳو ايترو پر جيڪڏهن اوهين هن جبل کي بہ چوندا تہ ’پنهنجي جاءِ تان هٽي وڃي سمنڊ ۾ ڪِر،‘ تہ اهو بہ وڃي سمنڊ ۾ ڪرندو.
زمين ۽ آسمان ٽري ويندا پر منهنجيون ڳالهيون هرگز نہ ٽرنديون.“
تنهنڪري اسين پوري يقين سان چئي ٿا سگھون تہ ”خداوند منهنجو مددگار آهي، سو آءٌ ڪين ڊڄندس. انسان مون کي ڇا ٿو ڪري سگھي؟“