شبا ملڪ جي راڻي جيڪي ڪجھہ بادشاهہ سليمان کان گھريو سو هن کيس ڏنو، بلڪ بادشاهہ پنهنجي شاهي روايت موجب هن کي گھڻو ڪجھہ وڌيڪ ڏنو. پوءِ هوءَ پنهنجي خدمتگارن سميت پنهنجي ملڪ ڏانهن موٽي ويئي. حيرام جي سامونڊي جهازن اوفير مان سون سان گڏوگڏ اتان چندن جي ڪاٺ ۽ قيمتي پٿرن جو بہ وڏو مقدار آندو. بادشاهہ چندن جي ڪاٺ مان خداوند جي گھر لاءِ ۽ بادشاهي محل لاءِ ٿنڀا ۽ ڳائڻن لاءِ تار وارا ساز بہ ٺهرايا. اهڙو چندن جو ڪاٺ وري اڄ ڏينهن تائين ڪڏهن بہ ملڪ ۾ ڪونہ آندو ويو ۽ نہ ڪڏهن ڏٺو ويو.