Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




زبور 45:14 - Muslim Sindhi Bible

14 کيس ڀرت ڀريل پوشاڪ ڍڪائي بادشاهہ جي حضور ۾ آندو ٿو وڃي. سندس پٺيان جيڪي نوجوان سهيليون آهن، سي بہ ساڻس گڏ اچن ٿيون.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

14 هن کي ڀرت واري پوشاڪ ڍڪائي بادشاهہ وٽ آڻيندا: ۽ هن جون ڪنواريون سهيليون جي سندس پٺيان پٺيان ٿيون هلن تن کي تو وٽ وٺي ايندا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




زبور 45:14
13 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

اڱڻ جي در لاءِ هڪڙو نوَ ميٽر ڊگھو پردو هجي، جيڪو سنهي وٽيل سڻيءَ جي ڪپڙي جو هجي ۽ جنهن ۾ آسماني، واڱڻائي ۽ لال ڳاڙهي رنگ جا ڌاڳا هجن ۽ جيڪو ڪاريگريءَ سان اُڻيل هجي. انهيءَ جي لاءِ چار ٿنڀا ۽ انهن ٿنڀن جا چار پاوا هجن.


تون سنهي سڻيءَ جي ڪپڙي جو چونڪڙين وارو پهراڻ، سنهي سڻيءَ جي ڪپڙي جي هڪڙي پڳ ۽ ڀرت ڀريل هڪڙو پٽو ٺهرائج.


اي يروشلم جون نوجوان عورتون! آءٌ اوهان کي نازڪ هرڻين، ۽ ميدان جي ڄانگھن جو قسم ٿي ڏيان تہ مون سان واعدو ڪريو تہ جيستائين اسين پيار ۾ مشغول هجون، تيستائين اوهين اسان جي پيار ۾ رخنو نہ وجھنديون.


اي عورتن ۾ سڀني کان سهڻي! تنهنجو محبوب ڪيڏانهن ويو آهي؟ هائو، ٻڌاءِ تہ تنهنجو محبوب ڪهڙي پاسي نڪري ويو آهي؟ انهيءَ لاءِ تہ اسين تو سان گڏجي هلي انهيءَ کي ڳوليون.


اي بي‌مثل ۽ بي‌عيب ڇوڪري! مون وٽ موٽي اچ، موٽي اچ تہ آءٌ تنهنجو ديدار ڪريان. اي منهنجا محبوب! تون ڇو ٿو چاهين تہ مون کي ٻين جي آڏو نچندو ڏسين؟


بادشاهہ وٽ ڪيتريون ئي راڻيون، سريتون ۽ هزارين ٻيون ڪنواريون ڀلي ڇو نہ هجن،


اي منهنجي پياري! تون جيڪا باغ جي وچ ۾ پيئي ڦرين، پنهنجو سريلو آواز ٻڌاءِ. آءٌ ۽ منهنجا سنگتي تنهنجو سريلو آواز ٻڌڻ چاهيون ٿا.


اي بابا! آءٌ چاهيان ٿو تہ جيڪي تو مون کي ڏنا آهن سي اتي مون سان گڏ هجن جتي آءٌ هجان، تہ جيئن اهي منهنجو اهو جلوو ڏسن جنهن ۾ تو مون کي پاڻ سان انهيءَ لاءِ شريڪ ڪيو آهي جو دنيا جي پيدا ٿيڻ کان اڳ ئي تون مون سان پيار ڪرين ٿو.


مون کي اوهان لاءِ خدا جهڙي غيرت آهي. انهيءَ ڪري ئي مون اوهان کي هڪڙي مڙس، يعني مسيح سان مڱايو تہ جيئن اوهان کي پاڪدامن ڪنواريءَ وانگر هن وٽ حاضر ڪريان.


’پڪ هو مالِ‌غنيمت قبضي ڪري پاڻ ۾ ورهائيندا هوندا، هر مرد کي هڪ هڪ، بلڪ ٻہ ٻہ جوان ڇوڪريون مليون هونديون. سيسرا کي رنگ برنگي ۽ ڀرت ڀريل ڪپڙا مليا هوندا، هائو، منهنجي پائڻ لاءِ عمدا ڀرت ڀريل رنگين وڳا.‘


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ