Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




زبور 44:3 - Muslim Sindhi Bible

3 تنهنجي قوم انهيءَ ملڪ تي پنهنجي تلوار سان قبضو نہ ڪيو هو، نڪي هنن پنهنجي طاقت سان اهو فتح ڪيو هو، بلڪ تنهنجي زورآور هٿ ۽ تنهنجي وڏي قدرت ئي هي سڀ ڪيو. تو هنن تي پنهنجي ڪرم جي نظر ڪئي، ڇاڪاڻ تہ تو کين پيار ٿي ڪيو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

3 ڇالاءِ جو هنن پنهنجي ترار سان ملڪ قبضي ۾ نہ آندو، نڪي پنهنجيءَ ٻانهن سان پاڻ کي بچايائون؛ پر تنهنجي ساڄي هٿ، ۽ تنهنجيءَ ٻانهن، ۽ تنهنجي منهن جي سوجهري ائين ڪيو، ڇو جو تون مٿن مهربان هئين.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




زبور 44:3
27 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

دنيا ۾ تنهنجي قوم بني اسرائيل جهڙي ٻي ڪهڙي قوم آهي؟ يعني اهي ماڻهو جن کي تو خدا پاڻ پنهنجي قوم بڻائڻ لاءِ غلاميءَ مان ڇڏايو. تو پنهنجي انهيءَ قوم لاءِ جيڪي وڏا وڏا ۽ هيبتناڪ ڪم ڪيا، تن سڄيءَ دنيا ۾ تنهنجو نالو ظاهر ڪيو، جڏهن تو انهيءَ قوم کي پنهنجي قوم بڻائڻ لاءِ اتي جي قومن ۽ سندن معبودن جي غلاميءَ مان ڇڏائي مصر منجھان ٻاهر ڪڍي آندو.


تون ئي تہ اسان جو خدا آهين، جنهن هن ملڪ جي رهاڪن کي پنهنجي قوم بني اسرائيل جي اڳيان هڪالي ڪڍيو ۽ هي ملڪ پنهنجي دوست ابراهيم جي اولاد کي هميشہ جي لاءِ عطا ڪيو.


هن پنهنجي قدرت وارا ڪم پنهنجي قوم کي ظاهر ڪري ڏيکاريا، جڏهن هن ڌارين قومن جي زمين کين عطا ڪئي.


جن کي تون پنهنجي زورآور هٿ سان دشمنن کان بچائين ٿو، هائو، جيڪي تنهنجي پناهہ ٿا وٺن، تن کي پنهنجي عجيب شفقت ڏيکار.


اي خداوند! مون کي پورو يقين آهي تہ تون پنهنجي مسح ڪري مخصوص ڪيل بادشاهہ کي بچائيندين. تون پنهنجي عرش عظيم تي سندس عرض ٻُڌي، کيس پنهنجي زور واري قوت سان فتح بخشيندين.


گھڻا ئي آهن جيڪي انساني ڀلائي چاهين ٿا. پر اي خداوند! آءٌ تنهنجي ڪرم جي نگاهہ جو طالبو آهيان.


پر مون کي دلگير ٿيڻ نہ کپي، نڪي منهنجي اندر ۾ ايڏي بي‌قراري هئڻ گھرجي، بلڪ منهنجي اميد خدا ۾ ئي قائم رهندي. هائو، آءٌ اڃا بہ انهيءَ جي ئي تعريف ڪندس، جيڪو منهنجو ڇڏائيندڙ ۽ منهنجو خدا آهي.


پر مون کي دلگير ٿيڻ نہ کپي، نڪي منهنجي اندر ۾ ايڏي بي‌قراري هئڻ گھرجي، بلڪ منهنجي اميد خدا ۾ ئي قائم رهندي. هائو، آءٌ اڃا بہ انهيءَ جي ئي تعريف ڪندس، جيڪو منهنجو ڇڏائيندڙ ۽ منهنجو خدا آهي.


تو پنهنجو هٿ اسان جي مدد کان ڇا جي ڪري روڪي ڇڏيو آهي؟ ڇو تون پنهنجو زورآور هٿ پنهنجي بغل ۾ لڪائي رکين ٿو؟


تو پنهنجيءَ قدرت سان پنهنجي قوم، يعني يعقوب ۽ يوسف جي اولاد کي ڇڏايو آهي.


هن اتي رهندڙ قومن کي سندن اڳيان ڀڄائي ڪڍيو، ۽ انهن جي زمين بني اسرائيل جي قبيلن ۾ ورهائي ڇڏيائين. هائو، هن بني اسرائيل کي انهن جي گھرن ۾ آباد ڪيو.


دشمنن ان ول کي وڍي ڪيرايو آهي ۽ باهہ لڳائي اٿائونس. سو تون انهن ڏانهن قهر جي نظر ڪر ۽ کين فنا ڪري ڇڏ.


انهيءَ کي اتي پوکڻ لاءِ تو زمين کي تيار ڪيو هو. سو ان جي پاڙ چڱيءَ طرح لڳي، ۽ اهو سڄي ملڪ تي پکڙجي ويو.


هائو، انهن سڀني تي خوف ۽ دهشت اچي ڪڙڪي. تنهنجي قدرت جي حشمت ڏسي اهي پٿر جا بت بڻجي ويا، جيستائين اي خداوند! تنهنجي ڇڏايل قوم وٽانئن لنگھي نہ ويئي.


هائو، ڪٿي آهي اهو خداوند، جنهن جي جلالي قدرت موسيٰ سان گڏ هلندي رهي، ۽ جنهن پنهنجو نالو هميشہ قائم رکڻ لاءِ سندن اڳيان سمنڊ جي پاڻيءَ کي چيري ٻہ اڌ ڪيو؟


تڏهن انهيءَ ملائڪ مون کي يهوداہ جي گورنر زربابل لاءِ قادر‌مطلق خداوند جو هي پيغام ٻڌايو تہ ”اي زربابل! تون ڪامياب ٿيندين، نہ لشڪر جي زور سان، نہ انساني طاقت سان پر فقط منهنجي روح سان.


جيڪڏهن خداوند اسان تي راضي هوندو تہ هو ضرور اسان کي اتي پهچائيندو ۽ اهو ملڪ اسان کي ڏيندو جيڪو آسودو ۽ خوشحال آهي.


اسين جن ۾ اهو خزانو رکيو ويو آهي، سي مٽيءَ جي ٿانوَن وانگر آهيون، تہ جيئن ظاهر ٿئي تہ اها تمام گھڻي قدرت اسان جي نہ پر خدا جي آهي.


تڏهن بہ خداوند اوهان جي ابن ڏاڏن کي پيارو ڄاتو ۽ ساڻن محبت ڪئي. انهن کان پوءِ سندن اولاد يعني اوهان کي ٻين سڀني قومن منجھان چونڊي ڪڍيائين، جيئن اڄوڪي ڏينهن ظاهر آهي.


مون اوهان جي اڳيان اڳيان ٻن اموري بادشاهن ۾ ٽاڪوڙو وجھي ڇڏيو ۽ اهي اوهان جي اڳيان وٺي ڀڳا. انهن کي اوهان جي تلوار يا تيرڪمان ڪونہ ڀڄايو هو.


ڏسو، سڄي دنيا جي خداوند جي عهد واري صندوق اوهان جي اڳيان اڳيان اردن درياءَ ۾ وڃڻ واري آهي. اوهان کي انهيءَ مان خبر پوندي تہ زندہ خدا اوهان جي وچ ۾ موجود آهي ۽ هو ضرور ڪنعانين، حتين، حوين، فرزين، جِرجاشين، امورين ۽ يبوسين کي اوهان جي اڳيان اتان ڀڄائي ڪڍندو.


خداوند پنهنجي عظيم نالي جي سببان، پنهنجيءَ قوم کي ڇڏي ڪين ڏيندو، ڇاڪاڻ تہ خداوند پنهنجي مرضيءَ موجب اوهان کي پنهنجي قوم بڻايو آهي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ