Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




زبور 42:8 - Muslim Sindhi Bible

8 تڏهن بہ ڏينهن جي وقت خداوند مون کي پنهنجي دائمي شفقت ڏيکاري ٿو، ۽ رات جي وقت مون کان پنهنجو گيت ڳارائي ٿو. هائو، آءٌ انهيءَ جي واکاڻ ٿو ڳايان، جيڪو منهنجي حياتيءَ جو خدا آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

8 تڏهن بہ خداوند ڏينهن جو پنهنجي ٻاجهہ فرمائيندو، ۽ رات جو آءٌ سندس گيت يعني پنهنجيءَ حياتيءَ جي خدا کان دعا گهرندس.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




زبور 42:8
20 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

موت جي ڇولين مون کي وڪوڙي ڇڏيو هو، هائو، برباديءَ جي ٻوڏ مون کي ٻوڙي ڇڏيو هو.


پر انهن مان اهڙو ڪوبہ ناهي جيڪو خدا آڏو ٻاڏائي، جيڪو سندن خالق آهي، جيڪو وڏين مشڪلاتن ۾ بہ کين خوشيءَ جا گيت ڳارائي ٿو.


انهيءَ مهل ڄڻ ٻوڏ اسان کي ٻوڙي ڇڏي ها، ۽ اسان جي مٿان وهڪرا وهي وڃن ها،


اهو ائين پڻ آهي جيئن صيئون جبل تي ماڪ پوي، بلڪل حرمون جبل جي ماڪ جيان. بيشڪ صيئون تي خداوند پنهنجي واعدي ڪيل برڪت، يعني ابدي حياتي نازل ڪري ٿو.


ڀلي تہ سندس قوم پنهنجي فتحمنديءَ تي خوشيون ملهائي، ڀلي تہ هو سمهندي بہ خوشيءَ جا گيت پيا ڳائين.


اي خداوند! آءٌ تنهنجي واکاڻ ڪندس، ڇاڪاڻ تہ تون هر وقت منهنجي رهبري ٿو ڪرين. هائو، رات جي اونداهيءَ ۾ بہ تنهنجيون تعليمات منهنجي دل کي روشن ڪريو ڇڏين.


خداوند منهنجي روشني ۽ منهنجو بچاءُ آهي. پوءِ ڇو آءٌ ڪنهن کان ڊڄان؟ خداوند منهنجي جاءِ‌پناهہ آهي. پوءِ ڇو آءٌ ڪنهن جو ڊپ رکان؟


اي خداوند! مون کي بہ تون تڪليفن کان بچائين ٿو، ڇاڪاڻ تہ منهنجي جاءِ‌پناهہ تون ئي آهين. تون منهنجي چوڌاري نجات جا گيت ڳارائين ٿو.


اي خدا! اي منهنجا بادشاهہ! تو ئي اسان بني يعقوب کي سوڀون بخشيون آهن.


هو عرش تان ورندي ڏئي مون کي بچائي وٺندو، ۽ انهن کي ملامت ڪندو جيڪي مون کي ايذائين ٿا. خدا پنهنجي وفا ۽ دائمي شفقت ضرور ڏيکاريندو.


آءٌ جڏهن بہ هنڌ تي سمهندس، تو کي ياد ڪندس. رات جي هر ڪنهن پهر ۾ تون ئي منهنجي سوچن ۾ هوندين،


آءٌ رات جو ويٺو پنهنجيءَ دل سان حال اوريان ٿو. آءٌ اهو غور ٿو ڪريان ۽ منهنجي دل انهيءَ جاچ جاچان ۾ آهي تہ


تو منهنجي ويجھن ساٿين کي مون کان پري ڪيو آهي، سندن نظر ۾ تو مون کي ڪراهت جهڙو ڪري ڇڏيو آهي. آءٌ اهڙي بند ۾ پيو آهيان جنهن مان بچي نڪري نہ ٿو سگھان.


ان وقت اوهين اي خدا جي قوم! ائين خوشيءَ جا گيت ڳائيندا، جيئن عيد جي رات گيت ڳائبا آهن. اوهان جي دل ايتري تہ خوش هوندي، جيتري انهن ماڻهن جي جيڪي بانسرين جي آواز پٺيان بني اسرائيل جي محافظ خداوند جي هيڪل ڏانهن جبل تي چڙهندا ويندا هجن.


تڏهن ٻڌو، آءٌ ڇهين سال اوهان تي پنهنجي ايتري تہ برڪت نازل ڪندس جو زمين ايتري پيداوار ڏيندي جو اوهين ٽن سالن تائين کائيندا رهندا.


اهو سڀ ڏسي مون پنهنجيءَ دل ۾ هي خيال ڪيو تہ ’شايد آءٌ تنهنجي اکين کان پري لوڌيو ويو آهيان،‘ پر تڏهن بہ اي خدا! آءٌ تنهنجي مقدس هيڪل کي هاڻي ڏسي سگھندس.


پر فوجي صوبيدار عرض ڪيس تہ ”اي سائين! آءٌ انهيءَ لائق نہ آهيان جو اوهين منهنجي گھر اچو. اوهين هتان ئي رڳو حڪم ڪريو تہ منهنجو نوڪر خوش ٿي پوندو.


رات جو پولس ۽ سيلاس دعائون گھرندا ۽ خدا جي واکاڻ جا گيت ڳائيندا ٿي رهيا ۽ جيل جا قيدي پڻ ٻڌندا ٿي رهيا. تڏهن اڌ رات ڌاري


خداوند جي حڪم سان اوهان جي گودامن ۾ ۽ جن بہ ڪمن ۾ اوهين هٿ وجھندا، تن سڀني ۾ برڪت پوندي. جيڪو ملڪ خداوند اوهان جو خدا اوهان کي ڏيڻ وارو آهي، تنهن ۾ هو اوهان کي برڪت عطا ڪندو.


ڇاڪاڻ تہ اوهين مري ويا آهيو ۽ اوهان جي زندگي هاڻي مسيح سان گڏ خدا جي حضور ۾ لڪل آهي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ