Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




زبور 42:3 - Muslim Sindhi Bible

3 رات ڏينهن منهنجا لڙڪ ئي منهنجي خوراڪ آهن. جڏهن تہ مون کان هر وقت پڇيو ٿو وڃي تہ ”ڪٿي آهي تو وارو خدا؟“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

3 منهنجا لڙڪ ڏينهن رات منهنجو کاڌو ٿي رهيا آهن، ۽ هو مون کي سڄو ڏينهن پيا چون تہ تنهنجو خدا ڪٿي آهي؟

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




زبور 42:3
16 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

ٿي سگھي ٿو تہ مون کي پهتل هن رنج تي خداوند نظر ڪري ۽ اڄوڪي لعنت جي عيوض هو منهنجو ڀلو ڪري.“


تنهنجي ڪاوڙ جي ڪري خاڪ منهنجو کاڌو بڻي آهي، ۽ لڙڪن گڏيل پاڻي پي آءٌ پنهنجي اڃ اُجھايان ٿو. هي سڀ تنهنجي ڏمر ۽ ڪاوڙ جي ڪري ٿيو آهي، ڇوجو تو مون کي پاڻ وٽان پري اڇلائي ڇڏيو آهي.


ڇو اهي ڌاريون قومون اسان کي چون ٿيون تہ ”ڪٿي آهي اوهان وارو خدا؟“


تڏهن آءٌ پنهنجا هٿ تو ڏانهن ڊگھيريان ٿو، ڇاڪاڻ تہ آءٌ پياسي ڌرتيءَ جيان تنهنجو سِڪايل آهيان.


”جيڪڏهن هن جي خدا تي توڪل آهي، تہ پوءِ اهو کيس ڇو نہ ٿو بچائي! جيڪڏهن اُهو کانئس خوش آهي، تہ پوءِ کيس ڇو نہ ٿو ڇڏائي!“


ڪيترائي آهن جيڪي مون لاءِ هيئن ٿا چون تہ ”هن کي خدا وٽان ڪابہ مدد ڪانہ ملندي.“


منهنجي هڏين ۾ ڄڻ تير ٿا چڀن، ڇاڪاڻ تہ منهنجا دشمن هر وقت مون کي طعنا هڻندي چون ٿا تہ ”تنهنجو خدا آهي ڪٿي؟“


ڪاش! آءٌ مقدس خيمي ۾ اچي تو لاءِ واجھايان، تان‌تہ آءٌ تنهنجي قدرت ۽ تنهنجو جلوو ڏسان.


غير قومون ڇو اسان کي ائين چون تہ ”ڪٿي آهي اوهان وارو خدا؟“ شال اهي غير قومون اسان جي آڏو تنهنجي قوم جي وهايل رت جو بدلو ڏين!


آس‌پاس جون غير قومون تنهنجي خلاف جيڪا گلا ڪن ٿيون، اي ڌڻي! سا ستوڻي ڪري تون موٽائي انهن جي ئي مٿان آڻ.


تو اسان کي لُڙڪن واري خوراڪ کارائي آهي، ۽ پيئڻ لاءِ لُڙڪ ئي لُڙڪ ڏنا اٿيئي.


اي قادرِمطلق خداوند! اي منهنجا بادشاهہ ۽ منهنجا خدا! جھرڪيءَ بہ اچي تنهنجي قربان‌گاهہ وٽ پنهنجو گھر جوڙيو آهي. ابابيل بہ اچي اتي آکيرو جوڙي پنهنجي ٻچن کي رهايو آهي.


سال ۾ ٽي دفعا اوهان جا سڀ مرد مون خداوند پنهنجي مالڪ جي آڏو اچي حاضر ٿين.


اي ڪاهنؤ! اوهين هيڪل جي اڱڻ ۾ روئو رڙو، ۽ قربان‌گاهہ ۽ مقدس جاءِ جي وچ ۾ بيهي هيءَ دعا گھرو تہ ”اي خداوند! پنهنجيءَ قوم تي رحم ڪر. هائو، پنهنجي انهيءَ ميراث جي توهين ٿيڻ نہ ڏي. ڇو غير قومون اسان تي ٺٺوليون ڪندي چون تہ ’ڪٿي آهي اوهان جو خدا؟‘“


تڏهن اي اسان جا دشمنؤ! اوهين اهو ڏسندا ۽ خوار خراب ٿيندا. هائو، اوهين اسان کي اهو طعنو هڻي چوندا آهيو تہ ”خداوند اوهان جو خدا ڪٿي آهي؟“ سو هاڻ اسين اوهان کي گھٽين جي ڌوڙ ۾ لتاڙبو ڏسنداسين.


ڇا اهڙو ڪو انسان آهي جنهن اسان وانگر باهہ جي وچ مان زندہ خدا کي ڳالهائيندي ٻڌو هجي ۽ پوءِ بہ جيئرو هجي؟


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ