Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




زبور 41:2 - Muslim Sindhi Bible

2 خداوند سندن حفاظت ڪندو ۽ حياتي بچائيندو. هو کين سندن ملڪ ۾ برڪتن سان نوازيندو، ۽ سندن دشمنن جي مرضيءَ تي کين هرگز نہ ڇڏيندو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

2 خداوند انهي جي سنڀال ڪندو، ۽ کيس جيئرو رکندو، هو زمين تي مبارڪ ٿيندو؛ تون انهي کي سندس دشمنن جي مرضيءَ تي نہ ڇڏ.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




زبور 41:2
16 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

تون مون کي دشمنن جي مرضيءَ تي نہ ڇڏجانءِ، ڇاڪاڻ تہ اهي ڪوڙا شاهد ۽ ظلم جا دڙڪا ڏيندڙ منهنجي خلاف اُٿي کڙا ٿيا آهن.


هائو، اهو خداوند ئي آهي، جيڪو موت کان بہ کين بچايو وٺي، ۽ ڏڪار جي ڏينهن ۾ بہ کين جيئرو ٿو رکي.


خداوند جن کي برڪت ٿو ڏئي سي ملڪ جا وارث ٿيندا، ۽ جن تي هو لعنت ٿو ڪري سي برباد ٿي ويندا.


رحمدل ماڻهو پنهنجو پاڻ سان ڀلائي ٿو ڪري، مگر ظالم ماڻهو پنهنجو پاڻ کي نقصان ٿو پهچائي.


جيڪي غريبن تي رحم ٿا ڪن سي سڀاڳا آهن، مگر جيڪي انهن کان نفرت ٿا ڪن سي گناهہ ٿا ڪن.


جيڪو ڪنهن مسڪين تي رحم ٿو ڪري، سو ڄڻ تہ خداوند کي قرض ٿو ڏئي. هائو، خداوند چڱا ڪم ڪندڙ کي اجورو ڏئي ٿو.


هوءَ پنهنجو هٿ وڌائي غريبن ۽ محتاجن جي پوري پوري مدد ڪري ٿي.


پر انهيءَ ڏينهن آءٌ تو کي ڇڏائيندس ۽ جن ماڻهن کان تون ڊڄين ٿو، تن جي هٿن ۾ وڃڻ کان تو کي بچائيندس.


انهيءَ لاءِ تہ لاوي جن کي اوهان سان گڏ زمين جو ڪوبہ حصو يا ورثو مليل ڪونهي، ۽ ڌاريا، يتيم يا رنون‌زالون، جيڪي اوهان جي شهر ۾ هجن سي اچي اهو کائي ڍءُ ڪن. ائين ڪرڻ سان خداوند اوهان جو خدا اوهان جي پورهئي ۾ برڪت وجھندو.“


انهيءَ جو سبب اهو آهي تہ جسم جي پرورش مان تہ ڪو ٿورو فائدو آهي، پر دينداري سڀني ڳالهين لاءِ فائدي واري آهي. هائو، هاڻوڪي ۽ آئيندہ زندگيءَ جي لاءِ واعدو بہ انهيءَ جي ڪري ٿيل آهي.


سندس سس کانئس پڇيو تہ ”اڄ ڪٿان سنگ چونڊيا اٿيئي؟ ڪنهن جي ٻنيءَ ۾ ڪم پئي ڪيئِہ؟ خدا شال انهيءَ شخص کي برڪت ڏئي جنهن تنهنجو خيال رکيو.“ پوءِ رُوت پنهنجي سس کي انهيءَ شخص جي باري ۾ ٻڌايو جنهن وٽ ڪم پئي ڪيائين. رُوت کيس ٻڌايو تہ ”جنهن ماڻهوءَ وٽ اڄ مون ڪم ڪيو تنهن جو نالو آهي بوعز.“


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ