زبور 41:10 - Muslim Sindhi Bible10 پر اي خداوند! تون مون تي رحم ڪر، ۽ مون کي اُٿاري کڙو ڪر، انهيءَ لاءِ تہ آءٌ پنهنجي دشمنن کان بدلو وٺان. အခန်းကိုကြည့်ပါ။Sindhi Bible10 پر اي خداوند تون مون تي رحم ڪري مون کي اُٿاري کڙو ڪر، تہ آءٌ انهن کان بدلو وٺان. အခန်းကိုကြည့်ပါ။ |
آءٌ ٻڌان ٿو تہ هر ڪو اها سُس پُس پيو ڪري تہ ”يرمياہ هر ڪنهن کي خوف ۾ وڪوڙي ڇڏيو آهي، سو هي موقعو آهي تہ اسين سندس خلاف ڪا شڪايت ڪريون.“ جن کي مون پنهنجو دوست ٿي سمجھيو سي بہ منهنجي ٺوڪر کائي ڪرڻ جا منتظر آهن، بلڪ هو سازش ٿا ڪن ۽ چون ٿا تہ ”ڀل تہ هي ٺڳجي وڃي، پوءِ اسين مٿس غالب اينداسين ۽ هن کان پنهنجو بدلو وٺنداسين.“
اوهان جا سڀيئي اتحادي اوهان کي دوکو ڏيندا. اهي اوهان کي اوهان جي وطن مان ڀڄائي ڪڍندا. جيڪي ماڻهو اوهان جا خيرخواهہ آهن، سي دوکي سان اوهان تي غالب ٿي ويندا. هائو، اوهان جا سٺا سٺا دوست جيڪي روزانو اوهان سان گڏ کائين پيئن ٿا، سي ئي اوهان سان ٺڳي ڪندا. پوءِ اهڙيءَ طرح اوهان جي سمجھہ اوهان کان موڪلائي ويندي.