15 جيڪي ماڻهو رونشي طور مون تي ”اِيهو، اِيهو،“ ڪن ٿا، شل سي شڪست کائي خوار خراب ٿين!
15 جيڪي مون کي ايهو ايهو ٿا ڪن، سي پنهنجي بدناميءَ جي ڪري اُجاڙ ٿي وڃن.
صيئون سان جيڪي عداوت رکن ٿا، شال اهي سڀ شڪست کائي خوار خراب ٿين!
ايتري قدر جو هو منهنجي خلاف وات ڦاڙي هيئن ٿا چون تہ ”آها، آها، تو جيڪي بہ ڪيو سو اسان پنهنجي اکين سان ڏٺو.“
ائين نہ ٿئي جو اهي پاڻ ۾ هيئن چوندا وتن تہ ”واہ واہ! هاڻي اسان جي مرضي پوري ٿي، اسان هن کي ڳڙڪائي ڇڏيو آهي.“
منهنجي مصيبت جي ڪري جيڪي خوشيون ٿا ملهائين، شل سي سڀ جو سڀ خوار خراب ۽ پريشان ٿين! هائو، منهنجي خلاف جيڪي پاڻ کي پڏائين ٿا، سي شل ذليل وَ خوار ٿين!
پوءِ ڪيئن نہ اهي اک ڇنڀ ۾ برباد ٿي وڃن ٿا. هائو، اهي خوف وچان بلڪل فنا ٿي وڃن ٿا.