Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




زبور 40:12 - Muslim Sindhi Bible

12 آہ! مون کي لاتعداد تڪليفون چوڌاري وڪوڙي ويون آهن! منهنجا گناهہ مٿي جي وارن کان بہ وڌيڪ آهن، جن مون کي چوڌاري اهڙو تہ وڪوڙي ڇڏيو آهي، جو آءٌ پنهنجو رستو لهي نہ ٿو سگھان. سو منهنجي دل ٽُٽي پيئي آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

12 ڇالاءِ جو بي شمار برايون مون کي چوڌاري ويڙهي ويون آهن، ۽ منهنجي خطائن مونکي اهڙو قابو ڪيو آهي جو آءٌ اکيون مٿي کڻي نٿو سگهان: هي منهنجي مٿي جي وارن کان بہ وڌيڪ آهن، تنهن ڪري آءٌ دل لٿل ٿي پيو آهيان.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




زبور 40:12
13 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

تڏهن هن پنهنجي ڀائرن کي رڙ ڪري چيو تہ ”ڏسو، ڏسو! منهنجا پئسا تہ موٽائي وڌا اٿن. اهي تہ منهنجي ٻوري جي منهن ۾ پيا آهن.“ تڏهن هنن جو ساهہ ئي سڪي ويو ۽ ڪنبندي هڪٻئي کي چوڻ لڳا تہ ”هي خدا اسان سان ڇا ڪيو آهي؟“


مون کي موت جي رسين ويڙهي ڇڏيو هو، ۽ قبر جي هيبت اچي ورتو هئم. هائو، آءٌ ڏک ۾ گرفتار ٿي ويو هئس، ۽ دهشتن مون کي گھيري ڇڏيو هو.


اهڙو ماڻهو ڪير آهي، جيڪو پنهنجيءَ ڀُل کي پروڙي سگھي؟ سو اي خداوند! تون مون کي غير ارادي قصورن کان بچاءِ.


پنهنجي گناهن جي ٻوڏ اندر آءٌ ٻڏي رهيو آهيان. هائو، اهي اهڙي ڳري بار وانگر آهن، جنهن جي هيٺان آءٌ چيڀاٽجي رهيو آهيان.


آءٌ هميشہ تنهنجي نالي جي واکاڻ پيو ڳائيندس، ۽ روزانو پيو پنهنجيون باسون پوريون ڪندس.


جيڪي بنا سبب مون سان دشمني رکن ٿا، سي مٿي جي وارن کان بہ گھڻا آهن. جيڪي ناحق منهنجا مخالف بڻيا آهن، سي زورآور آهن ۽ مون کي تباهہ ڪرڻ گھرن ٿا. جيڪي مون ڪڏهن چورايو ئي ڪونهي، سو هو مون کان واپس وٺڻ گھرن ٿا.


توڙي جو منهنجو جسم ۽ جان ڳرندا ٿا وڃن، تہ بہ تون خدا ئي هميشہ تائين منهنجي طاقت ۽ منهنجي ميراث آهين.


اسين سڀ اهڙين رڍن وانگر آهيون، جيڪي پنهنجي رستي کان ڀٽڪي ٿيون وڃن. اسان مان هر ڪو پنهنجي پنهنجي رستي ڏانهن ڦري ٿو وڃي. پر خداوند اها سزا هن جي مٿان آندي، جڏهن تہ انهيءَ سزا جا حقدار اسين ئي هئاسين.


جيئن تہ آسماني طاقتون لُڏي وينديون، سو جيڪي آفتون ڌرتيءَ تي نازل ٿيڻيون هونديون، تن جي اُلڪي ۽ ڊپ کان ماڻهن جون دليون دهلجي وينديون.


اهو اهڙو سردار ڪاهن ناهي جيڪو اسان جي ڪمزورين ۾ اسان جو همدرد نہ ٿي سگھي، پر هو اهڙو آهي جيڪو اسان وانگر هر طرح سان آزمايو ويو، تڏهن بہ بي‌گناهہ رهيو.


مسيح جو مثال اوهان جي سامهون آهي تہ هو سچار هو ۽ هن بدڪارن لاءِ سندن گناهن جي ڪري هميشہ لاءِ هڪڙي ئي ڀيري تڪليف سهي جان ڏني، انهيءَ لاءِ تہ اسان کي خدا تائين پهچائي. هو هن گنهگار دنيا جي نسبت ۾ ماريو ويو، پر روحاني طور وري جيئرو ڪيو ويو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ