Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




زبور 4:2 - Muslim Sindhi Bible

2 اي فاني انسانؤ! اوهين ڪيستائين پيا منهنجي بدنامي ڪندا؟ ڪيستائين اوهين بيهودگي پيا چاهيندا؟ ۽ ڪوڙ جي پٺيان هوندا؟

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

2 اي آدمزادا، اوهين ڪيستائين منهنجي جلال جي بيعزتي ڪندا؟ ڪيستائين بيهودگيءَ کي چاهيندا، ۽ ڪوڙ کي ڳوليندا؟

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




زبور 4:2
29 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

ائين هنن پنهنجي عظيم خدا کي ڇڏي ڏنو، ۽ انهيءَ جي بجاءِ گاهہ کائيندڙ هڪ جانور جي مورتي چونڊي ورتائون.


اهي غريبن جي رٿن کي بگاڙڻ ٿا چاهين، پر خداوند خود انهن مسڪينن جي پناهہ‌گاهہ ٿو بڻجي.


غير قومون ڇو بغاوت ٿيون ڪن؟ اهي ڇو اجايا منصوبا ٿيون جوڙين؟


پر اي خداوند! تون ئي تہ چئني طرفن کان منهنجي حفاظت ڪندڙ آهين. تون ئي تہ منهنجو اهو شان آهين، جيڪو مون کي سرفراز ٿو ڪرين.


انهن ماڻهن کان مون کي نفرت آهي، جيڪي ڪُوڙن معبودن کي مڃين ٿا، پر اي خداوند! منهنجي توڪل رڳو تو تي آهي.


تون انهن سڀني کي برباد ڪندين، جيڪي ڪوڙ ڳالهائين ٿا. تو خداوند کي خونيءَ ۽ دغاباز کان سخت نفرت آهي.


اوهين مصيبت جي ڏينهن تي مون کي پڪارجو، آءٌ ئي اوهان کي ڇڏائيندس تڏهن اوهين منهنجي واکاڻ ڪندا.“


آءٌ انهن وحشي بگھڙن جي وچ ۾ اچي ڦاٿو آهيان، جيڪي بني آدم کي حرص کان ڳڙڪائي ٿا وڃن. هنن جا ڏند تير ۽ ڀالا آهن ۽ سندن زبان تکي تلوار آهي.


ٻڌايو، اي حاڪمؤ! ڇا سچ پچ اوهين انصاف ڪريو ٿا؟ ٻڌايو، ڇا اوهين پنهنجي عوام جو صحيح فيصلو ڪريو ٿا؟


بدڪار ماڻهو پنهنجي ماءُ جي پيٽان ئي گمراهہ ٿين ٿا. اهي تہ پنهنجي ڄمندي ئي ڪوڙ ڳالهائيندا وتن ٿا.


خدا جي انهيءَ سوڀ ڏيڻ تي آءٌ بادشاهہ خوشيون ڪندس. بيشڪ جيڪو خدا جو قسم کڻي ٿو، سو سندس واکاڻ ڪندو، جڏهن تہ ڪوڙ ڳالهائڻ وارن جو وات بند ڪيو ويندو.


تڏهن هو سچائيءَ سان تنهنجي قوم جي عدالت ڪندو، ۽ تنهنجي غريبن تي انصاف سان حڪمراني ڪندو.


پوءِ موسيٰ ۽ هارون فرعون وٽ آيا ۽ چيائونس تہ ”خداوند عبرانين جو خدا فرمائي ٿو تہ ’ڪيستائين تون منهنجي آڏو عاجز ٿيڻ کان انڪار ڪندين؟ منهنجي قوم کي وڃڻ ڏي تہ اهي وڃي منهنجي عبادت ڪن.


”اي نادانؤ! ڪيستائين اوهين پاڻ کي بي‌وقوف بڻائيندا رهندا؟ ڪيستائين اوهين مون ڏاهپ تي کل ٺٺوليون ڪندا رهندا؟ ڪيستائين اوهين جهالت وچان سمجھہ کي ڌڪاريندا رهندا؟


جيئن تہ بدڪاريءَ جي سزا دير سان ڏني ٿي وڃي، جنهن کي ڏسندي ٻين ماڻهن جي دل بہ گناهہ واري زندگيءَ ڏانهن مائل ٿئي ٿي.


هائو، هن دنيا ۾ وڏي بدقسمتي اها آهي جو سڀني انسانن جي پڄاڻي هڪجهڙي ٿئي ٿي. تنهنڪري انسان جي سڄي حياتي بڇڙائيءَ ۽ چريائپ واري سوچ ۾ گذري ٿي، ڇاڪاڻ تہ سڀيئي هڪجهڙي وفات ڪري وڃي مُڙدن سان ٿا ملن.


پوءِ اهي جيڪي سوڊان ۽ مصر کي پنهنجي اميد ۽ فخر سمجھندا هئا، سي پريشان ۽ مايوس ٿي ويندا.


پر بني اسرائيل کي خداوند بچايو آهي، بلڪ هميشہ جي لاءِ بچائي ورتو آهي. سو اهي ابد تائين ڪڏهن بہ پريشان يا خوار خراب نہ ٿيندا.


عدالت ۾ اوهين سچائيءَ سان وڪالت نہ ٿا ڪريو، نڪي وري اوهان جا دليل سچ تي ٻڌل آهن، بلڪ اوهين ڪوڙ ٿا ڳالهايو، ۽ رڳو هوائي ڳالهيون ٿا ڪريو. جيئن تہ اوهان جي دلين ۾ دغا آهي، سو اوهين ٻين کي نقصان رسائڻ جون سازشون پيا ڪريو.


اڳ ڪڏهن ڪنهن قوم پنهنجا معبود بدلايا هجن، جڏهن تہ حقيقت ۾ اهي معبود ئي ناهن. پر اي منهنجي قوم! تو مون حقيقي خدا کي ڇڏي، بيڪار بتن جي ڪري پنهنجو شان وَ شوڪت مِٽائي ڇڏيو آهي.


خداوند فرمائي ٿو تہ ”اوهان جي ابن ڏاڏن مون وٽ ڪهڙي ڪمي ڏٺي هئي، جو هو مون کان ڦري ويا؟ هو بيڪار بتن جي پوڄا ڪري پاڻ بہ بيڪار بڻيا.


خداوند فرمائي ٿو تہ ”هو پنهنجي زبان کي ڪُوڙ ڳالهائڻ لاءِ ائين تيار ٿا رکن، جيئن ڪو تيرڪمان تير وسائڻ لاءِ تيار رکبو آهي. هو سچ جي ذريعي نہ، بلڪ ڪوڙ جي ذريعي ملڪ ۾ زور وٺندا وڃن ٿا. هو گناهن پٺيان گناهہ ڪن ٿا پيا ۽ منهنجي سڃاڻ ڇڏي ڏني اٿائون.


اوهين ڪاهن تعداد ۾ جيئن جيئن وڌندا ويا، تيئن تيئن منهنجي خلاف وڌيڪ گناهہ ٿيندا ويا. اوهان کي جنهن مرتبي جي ڪري عزت ڏني ٿي وڃي، سو خواريءَ ۾ تبديل ٿي ويندو.


جيڪي ماڻهو ڪُوڙن ديوتائن کي ٿا مڃن، سي تنهنجي فضل کان محروم ٿي وڃن ٿا.


خداوند موسيٰ کي فرمايو تہ ”آخر ڪيستائين هي ماڻهو منهنجي توهين ڪندا رهندا؟ انهن معجزن جي باوجود بہ، جيڪي مون منجھن ڪيا آهن، هي ڪيستائين مون تي ايمان نہ آڻيندا؟


پوءِ يهودي بہ انهن الزامن هڻڻ ۾ وڪيل سان شامل ٿي ويا ۽ چيائون تہ ”اهي ڳالهيون برابر ائين ئي آهن.“


جيئن پاڪ ڪلام ۾ لکيل آهي تہ ”جيڪو فخر ڪرڻ چاهي ٿو، سو خداوند تي فخر ڪري.“


تنهنڪري ڪوڙ کي ڇڏي اوهان مان هر ڪو هڪٻئي سان سچ ڳالهائي، ڇاڪاڻ تہ اسين سڀ ايمان وارا هڪ ئي بدن جا عضوا آهيون.


اوهين ٻين معبودن جي پٺيان نہ لڳو، جيڪي نہ تہ اوهان کي ڪو فائدو ٿا ڏيئي سگھن ۽ نہ اوهان کي بچائي ٿا سگھن، ڇاڪاڻ تہ اهي ڪوڙا آهن.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ