Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




زبور 4:1 - Muslim Sindhi Bible

1 اي مون سان عدل ڪرڻ وارا منهنجا خدا! آءٌ تو کي پڪاريان ٿو، تون منهنجو عرض اگھاءِ، تون ئي مشڪل گھڙين مان مون کي ڇڏائيندو رهيو آهين. سو هاڻي بہ مون تي پنهنجو ڪرم ڪر، ۽ منهنجي دعا قبول فرماءِ.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

1 اي منهنجيءَ راستبازيءَ جا خدا، جڏهن آءٌ پڪاريان، تڏهن مون کي جواب ڏي؛ تو مونکي مشڪلات جي وقت ڇڏايو آهي: مون تي رحم ڪر ۽ منهنجي دعا ٻڌ.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




زبور 4:1
35 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

”اهڙيءَ طرح خدا تو کي بہ مصيبت مان ڪڍي اهڙي ڪشاديءَ جاءِ ۾ پهچائي ها، جتي تنگي بلڪل نہ آهي. هو تنهنجي دسترخوان کي عمدن طعامن سان ڀري ڇڏي ها.


جيئن تہ خداوند سچو آهي، تنهنڪري هو نيڪ عملن کي پسند ڪري ٿو. سو جيڪي سچا ماڻهو هوندا، سي ئي سندس حضور ۾ حاضر رهندا.


اي خداوند! آءٌ تنهنجو ئي ٻانهو آهيان، هائو، تنهنجو ٻانهو يعني تنهنجي ٻانهيءَ جو ٻار آهيان. تو ئي منهنجي موت جا بند کوليا آهن.


خداوند سادن سٻاجھن جي حفاظت ڪري ٿو. سو جڏهن آءٌ دٻجي ويو هئس تڏهن هن مون کي بچائي ورتو.


اي خداوند! مون ڏانهن ڌيان ڏي، ۽ مون تي پنهنجو اهو ئي رحم فرماءِ، جيڪو تو کي پنهنجي پيار ڪرڻ وارن تي ڪرڻ جڳائي ٿو.


تون پنهنجي هن بندي کي پنهنجي عدالت آڏو نہ آڻج، ڇاڪاڻ تہ تنهنجي آڏو ڪوبہ سچار ثابت نہ ٿو ٿئي.


اي خدا! آءٌ تو کي سڏيان ٿو جو تون ئي منهنجي ٻڌندين، مون ڏانهن پنهنجو ڪن ڏي ۽ منهنجو عرض ٻڌ.


منهنجا خدا! اي منهنجا خدا! تو ڇو مون کي ڇڏي ڏنو آهي؟ تون منهنجي مدد ڪرڻ ۽ دانهن ٻڌڻ کان ڇو دور ٿو رهين؟


بيشڪ اهي ئي پنهنجي خداوند کان برڪت لهندا، ۽ پنهنجي ڇڏائيندڙ خدا طرفان بي‌ڏوهي قرار ڏنا ويندا.


سو اي خداوند! مون ڏانهن توجھہ ڪر، ۽ مون تي رحم ڪر، ڇاڪاڻ تہ آءٌ بلڪل اڪيلو ۽ ڏکن ۾ ڦاٿل آهيان.


تو مون کي دشمن جي هٿ قيدي بڻائي نہ رکيو آهي، بلڪ تو مون کي آزادي عطا ڪئي آهي.


تون مون کي منهنجي سچائيءَ تي قائم رکين ٿو. تون ئي مون کي پنهنجي حضور ۾ هميشہ قائم رکندين.


جيئن ڪا هرڻي پاڻيءَ جي چشمن لاءِ ٿي سِڪي، اي خدا! تيئن ئي آءٌ تو لاءِ پيو سِڪان.


منهنجي دل هڪڙي چڱي مضمون سان ٽمٽار آهي. مون بادشاهہ بابت جيڪو گيت ٺاهيو آهي سو بيان ڪريان ٿو. منهنجي زبان ماهر ڪاتب جي قلم وانگر آهي.


اي خدا! مون تي رحم ڪر، ڇوجو منهنجا مخالف مون کي ايذائين ٿا. اهي هر وقت وڙهندي مون کي ستائين ٿا.


رحم ڪر، اي خدا! مون تي رحم ڪر، ڇاڪاڻ تہ آءٌ تنهنجي ئي پناهہ وٺان ٿو. آءٌ تنهنجي پرن جي ڇانوَ هيٺ پناهہ ٿو وٺان، جيستائين مون تان آفتون ٽري نہ وڃن.


اي خداوند! تون پنهنجي غضب سان مون کي ڇينڀ نہ ڪڍ، نڪي وري پنهنجي قهر وَ غضب سان مون کي ڪا سيکت ڏي.


شال خدا اسان تي رحم ڪري ۽ اسان کي برڪت عطا ڪري! شال هو اسان تي پنهنجي ڪرم جي نظر فرمائي!


يهوداہ وارن ۾ خدا کي ڄاتو سڃاتو وڃي ٿو، ۽ اسرائيل وارن ۾ بہ سندس نالي جي تعظيم ڪئي وڃي ٿي.


هر ڪو مون بابت چوندو تہ ’بيشڪ خداوند ئي فتح ۽ طاقت بخشيندڙ آهي.‘ پر جيڪي مون کان ڦريل هوندا، سي سڀ مون آڏو خوار خراب ٿيندا.


انهيءَ جي بادشاهيءَ جي ڏينهن ۾ يهوداہ توڙي اسرائيل جا ماڻهو محفوظ رهندا ۽ سلامتيءَ سان گذاريندا. تڏهن اهو بادشاهہ هن نالي سان سڏبو تہ ’خداوند اسان سان سچو آهي.‘“


قادر‌مطلق خداوند خدا ئي منهنجي طاقت آهي. اُهو منهنجا پير هرڻيءَ جي پيرن وانگر ٿو ڪري، هو مون کي اوچاين تائين وڃڻ جي سگھہ ٿو بخشي. استاد موسيقار لاءِ هدايت: هي منهنجي تار وارن سازن تي ڳايو وڃي.


اهو خدا ئي تہ آهي جنهن اسان کي عيسيٰ مسيح سان گڏي هڪ ڪري ڇڏيو آهي ۽ اهو مسيح ئي آهي جنهن کي خدا اسان لاءِ ڏاهپ بڻايو آهي، جنهن مان سچائي، پاڪائي ۽ ڇوٽڪارو ملي ٿو،


هن اسان کي هيبتناڪ موت جي منهن مان بچائي ورتو ۽ بچائيندو رهي ٿو. هن ۾ اميد آهي تہ اسان کي اڃا بہ بچائيندو رهندو.


اي ڀائرو ۽ ڀينرون! انهيءَ جو مثال ڏيندي اسين اوهان کي ان مصيبت کان آگاهہ ڪرڻ چاهيون ٿا، جيڪا آسيا صوبي ۾ ڀوڳيسين. اسين برداشت کان ٻاهر بار هيٺ دٻيل هئاسين، ايتري قدر جو اسان جيئري رهڻ جي اميد ئي ڇڏي ڏني هئي.


دائود وڌيڪ چيو تہ ”جنهن خداوند مون کي شينهن توڙي رڇن جي چنبن کان بچائي ورتو، سو ئي مون کي هن فلستيءَ جي هٿان بہ بچائيندو.“ تڏهن سائول چيس تہ ”وڃ، شل خداوند تو ساڻ هجي.“


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ