8 آءٌ تمام نستو ۽ بلڪل ئي چيڀاٽيل آهيان. آءٌ پنهنجي دل جي بيچينيءَ جي ڪري دانهون پيو ڪريان.
8 آءٌ هيڻو ۽ بلڪل چٿيل آهيان: ۽ دل جي بيچينيءَ جي ڪري دانهون پيو ڪريان.
آهون ۽ دانهون منهنجو کاڌو بڻيون آهن، روڄ ۽ راڙو منهنجي واتان پاڻيءَ وانگر وهندو ٿو رهي.
منهنجا آنڊا ٿا جلن، انهن کي ڪو آرام ڪونهي. مون تي مصيبت جا ڏينهن اچي پيا آهن.
آءٌ اداسيءَ ۾ پيو گھاريان، مون لاءِ خوشين جو سج نہ ٿو اڀري. ماڻهن جي ميڙ منجھہ هوندي بہ مون کي مدد لاءِ پڪارڻو ٿو پوي.
اي خداوند! مون بہ جيستائين تو آڏو پنهنجيون خطائون نہ باسيون، تيستائين سڄو سڄو ڏينهن دانهون ڪندي آءٌ ايترو تہ ڪمزور ٿي ويس، جو ڄڻ منهنجيون هڏيون بہ ڳري ويون.
اسين سڀ پريشانيءَ وچان رڇن وانگر روڙون ٿا ڪريون، ۽ ڳيرن وانگر اوساريون ٿا. اسين انصاف جي واٽ ڳوليون ٿا، پر اها نہ ٿي لڀي. اسين انتظار ۾ آهيون تہ اسان کي بچايو وڃي، پر اسان جو بچاءُ اسان کان دور آهي.