Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




زبور 38:6 - Muslim Sindhi Bible

6 آءٌ ڪٻڙو ٿي ويو آهيان ۽ ڏاڍو جھڪي پيو آهيان. منهنجو سڄو ڏينهن روئندي روئندي پيو گذري.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

6 آءٌ ڏکي آهيان، ۽ ڏاڍو جهڪي پيو آهيان؛ ۽ سڄو ڏينهن روئندو وتان.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




زبور 38:6
13 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

آءٌ اداسيءَ ۾ پيو گھاريان، مون لاءِ خوشين جو سج نہ ٿو اڀري. ماڻهن جي ميڙ منجھہ هوندي بہ مون کي مدد لاءِ پڪارڻو ٿو پوي.


منهنجو ماس ڪينئن ۽ کرنڊن سان ڀريو پيو آهي. منهنجي چمڙي هڪ هنڌان ٺيڪ ئي نہ ٿي ٿئي تہ ٻئي هنڌان ڦاٽي پوي ٿي.


اوهين، جن کي خداوند بچايو آهي، تن مان ڪي بي‌وقوف پنهنجن گناهن جي ڪري بيمار ٿيا هئا، ۽ پنهنجين بدڪارين جي ڪري ڏکن ۾ پيا هئا.


اي خداوند! مشڪلاتن ۾ ڦاٿلن کي تون ئي سنڀالي ٿو وٺين، هائو، سڀني ڪرندڙن کي تون ئي اٿاري کڙو ڪرين ٿو.


منهنجي حياتي غم ۾ ۽ عمر آهون ڀريندي گذري ويئي آهي. ڏکن سببان منهنجي طاقت گھٽجي ويئي آهي. ايتري قدر جو منهنجيون هڏيون بہ ڳري ويون آهن.


تڏهن آءٌ هنن لاءِ ائين افسوس ڪندو هئس، ڄڻ اهي منهنجا دوست يا ڀائر هئا. آءٌ هنن لاءِ ڪنڌ جھڪائي ائين غم ڪندو هئس، جيئن ڪو پنهنجي ماءُ لاءِ ماتم ڪري.


پر مون کي دلگير ٿيڻ نہ کپي، نڪي منهنجي اندر ۾ ايڏي بي‌قراري هئڻ گھرجي، بلڪ منهنجي اميد خدا ۾ ئي قائم رهندي. هائو، آءٌ اڃا بہ انهيءَ جي ئي تعريف ڪندس، جيڪو منهنجو ڇڏائيندڙ ۽ منهنجو خدا آهي.


آءٌ خدا کي، جيڪو منهنجو محافظ آهي چوان ٿو تہ ”تو مون کي ڇو وساري ڇڏيو آهي، جو آءٌ پنهنجي دشمنن جي ظلم ڪري روئندو رڙندو پيو وتان؟“


ڇاڪاڻ تہ اي خدا! تون ئي منهنجو محافظ آهين. پوءِ تو مون کي ڇو ڇڏي ڏنو آهي؟ ڇو آءٌ پنهنجي دشمنن جي ظلم ڪري روئندو رڙندو پيو وتان؟


منهنجي دشمنن مون کي ڦاسائڻ جي لاءِ ڄار پکيڙيو آهي، جنهن ڪري مون کي بي‌وس ڪري ڇڏيو اٿائون. پر جيڪا کڏ هنن منهنجي راهہ ۾ کوٽي آهي، تنهن ۾ هو پاڻ وڃي ڪريا آهن.


آءٌ تہ آهون ڀري ڀري بلڪل ٿڪجي پيو آهيان. هر رات آءٌ ڳوڙها وهائيندي وهائيندي هنڌ آلو ڪري ٿو ڇڏيان.


ڏکن جي ڪري منهنجي اکين ۾ ڌنڌ ايندو ٿو وڃي. اي خداوند! هر روز آءٌ تو ڏانهن پنهنجا هٿ ڊگھيري تو کي پڪاريندو ٿو رهان.


آءٌ ابابيلن ۽ ڪنگن جهڙي جھيڻي آواز ۾ رڙندو ٿي رهيس، مون ڳيري وانگر اوسارا پئي ڪڍيا. منهنجيون اکيون عرش ڏانهن نهاري نهاري ساڻيون ٿي پيون هيون. سو مون چيو تہ ’اي خداوند! آءٌ ستايل آهيان، تون اچي منهنجو ساڻي ٿيءُ.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ