Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




زبور 38:2 - Muslim Sindhi Bible

2 تنهنجي تيرن مون کي زخمي ڪري ڇڏيو آهي، ۽ تنهنجي هٿ مون کي هيٺ ڪيرائي وڌو آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

2 ڇالاءِ جو مون کي تنهنجا تير لڳا آهن، ۽ تنهنجو هٿ مون کي زور سان ٿو دٻائي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




زبور 38:2
12 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

قادرِمطلق خدا مصيبتن جا تير منهنجي اندر ۾ چڀائي ڇڏيا آهن، جن جو زهر منهنجي پوريءَ جان ۾ ڦهلجي ويو آهي. هائو، خدا جون ڊيڄاريندڙ ڳالهيون منهنجي خلاف صفون ٻڌي ٿيون بيهن.


تون جڏهن پنهنجا تير زهہ تي چاڙهي سندن سامهون ٿيندين، تڏهن کين پٺي ڏياري ڀڄائي ڪڍندين.


جيئن تہ تنهنجو ڳرو هٿ رات ڏينهن منهنجي مٿان هو، سو منهنجي طاقت منهنجي جسم مان ائين ويندي رهي، جيئن اونهاري جي گرمي پاڻيءَ کي سڪائي ڇڏيندي آهي.


اي خداوند! مون تي رحم ڪر، ڇوجو آءٌ هيڻو ٿي ويو آهيان. اي خداوند! مون کي چڱو ڀلو ڪر، ڇوجو منهنجي هڏين ۾ ڪو ست ناهي.


مگر خدا انهن کي پنهنجي تيرن سان چُٽيندو، ۽ پوءِ اوچتو ئي اوچتو اُهي ڦهڪو ڪري ڪرندا.


هن پنهنجو تيرڪمان ڇڪي مون کي پنهنجي تيرن جو نشانو بڻائي ڇڏيو.


جيستائين هو مري کپي نابود نہ ٿي ويا، تيستائين خداوند جو هٿ کين خيمي‌گاهہ مان فنا ڪرڻ لاءِ انهن جي خلاف ئي رهيو.


تہ پوءِ ڇا اوهين انهن جي وڏي ٿيڻ تائين ترسنديون؟ ڇا اوهين ڪنهن ٻئي سان شادي ڪرڻ کان انڪار ڪنديون؟ نہ منهنجيون ڌيئرون، نہ. اها حالت اوهان کان وڌيڪ منهنجي لاءِ ڏکوئيندڙ آهي، ڇاڪاڻ تہ خداوند پنهنجي قدرت جو هٿ منهنجي خلاف کنيو آهي.“


سو هنن ماڻهو موڪلي فلستين جي سڀني سردارن کي پاڻ وٽ گھرائي گڏجاڻي ڪئي ۽ پوءِ کين چيائون تہ ”بني اسرائيل جي خدا جي عهد واري صندوق کي ان جي اصلوڪي جاءِ ڏانهن واپس موڪلي ڏيو، انهيءَ لاءِ تہ متان اها اسان کي ۽ اسان جي قوم کي ماري نہ ڇڏي.“ جيئن تہ خداوند جو هٿ اُتي ايتري تہ سختيءَ سان اچي پيو هو جو سڄي شهر ۾ موتمار ٿرٿلو پئجي ويو هو.


پر خداوند پنهنجو ڳرو هٿ اشدود جي ماڻهن تي کڻي انهن تي آفت نازل ڪئي جو اشدود ۽ ان جي آس‌پاس وارا ڪيترائي ماڻهو ڳوڙهين جي بيماريءَ وچان مرڻ لڳا.


ڌيان ڏجو، جيڪڏهن اها پنهنجي سرحد واري رستي کان بيت‌شمس شهر ڏانهن وڃي، تہ ڄاڻجو تہ بني اسرائيل جي خداوند ئي اسان تي هيءَ وڏي آفت آندي آهي، نہ تہ اسين سمجھنداسين تہ انهيءَ ۾ هن جو هٿ ڪين هو. اهو رڳو هڪڙو اتفاق هو جو اسان سان ٿيو.“


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ