18 بيشڪ آءٌ پنهنجيون بدڪاريون قبول ٿو ڪريان، ۽ پنهنجي گناهن جي ڪري آءٌ پشيمان آهيان.
18 ڇالاءِ جو آءٌ پنهنجي بڇڙائي ظاهر ڪندس؛ ۽ پنهنجي گناهہ ڪري پشيمان ٿيندس.
ڇا مون ڪڏهن پنهنجو ڪو گناهہ لڪايو آهي، جيئن انسان بڇڙائيءَ کي پنهنجيءَ دل ۾ لڪائي رکڻ لاءِ ڪندا آهن؟
پوءِ اهو انسان ماڻهن جي اڳيان اعتراف ڪندي چوي ٿو تہ ’بيشڪ مون گناهہ ڪيو هو، ۽ سچائيءَ جي راهہ کان ڦري ويو هئس، پر خدا مون کي سزا ڪين ڏني، جنهن جو آءٌ لائق هئس.
تڏهن مون سوچيو تہ ”آءٌ خداوند آڏو پنهنجي سڀني گناهن جو اقرار ڪندس.“ پوءِ مون تو وٽ پنهنجا گناهہ باسيا، ۽ تو کان پنهنجي ڪا بڇڙائي ڪين لڪايم. تڏهن تو منهنجي هر بڇڙائي مون کي معاف ڪري ڇڏي.
بيشڪ آءٌ پنهنجا ڏوهہ باسيان ٿو، منهنجا گناهہ هميشہ منهنجي سامهون آهن.
جيڪو پنهنجا گناهہ نہ ٿو باسي، سو زندگيءَ ۾ ڪڏهن بہ ڪامياب نہ ٿيندو. مگر جيڪو پنهنجا گناهہ قبول ڪندي انهن کان توبهہتائب ٿئي ٿو، تنهن تي خدا پنهنجو رحم نازل ڪندو.