17 انهيءَ سبب جو آءٌ بلڪل ئي ڪرڻ تي آهيان. منهنجو درد هر وقت منهنجي اڳيان آهي.
17 جو آءٌ ڪرڻ تي آهيان، ۽ منهنجو غم هميشہ منهنجي سامهون آهي.
مون تہ تنهنجي لافاني شفقت تي توڪل ڪئي آهي. جيڪڏهن تون مون کي ڇڏائي وٺندين تہ منهنجي دل خوش ٿيندي.
پر جڏهن مون کي ٿاٻو آيو تڏهن هو خوش ٿي اچي گڏيا. اهي ظالم ماڻهو ميڙ ڪري اچي مون تي ڪڙڪيا، ۽ جڏهن انهن منهنجو ماس پئي پٽيو، تڏهن اهي مون کي سڃاڻڻ ۾ ئي نہ پئي آيا.
اي خداوند! جيڪي ناحق منهنجا دشمن بڻيا آهن، تن کي تون مون تي خوش ٿيڻ نہ ڏي، جيڪي مون سان بيسبب نفرت ڪن ٿا، تن کي مون تي کل ٺٺوليون ڪرڻ نہ ڏي.
آءٌ ڪٻڙو ٿي ويو آهيان ۽ ڏاڍو جھڪي پيو آهيان. منهنجو سڄو ڏينهن روئندي روئندي پيو گذري.
آءٌ تہ آهون ڀري ڀري بلڪل ٿڪجي پيو آهيان. هر رات آءٌ ڳوڙها وهائيندي وهائيندي هنڌ آلو ڪري ٿو ڇڏيان.