14 هائو، آءٌ تہ هڪڙي اهڙي ماڻهوءَ جيان ٿيو آهيان، جيڪو نڪي ٻڌي ٿو، ۽ نہ ئي وري ڪو ڏوراپو ئي ٿو ڏئي.
14 بلڪ آءٌ انهي ماڻهوءَ وانگي آهيان جو نٿو ٻڌي، ۽ جو ڏوراپا نٿو ڏئي.
هن تي ظلم ڪيو ويو پر هن اهو برداشت ڪيو، ۽ واتان ٻڙڪ بہ نہ ڪڇيائين. هائو، جيئن ڪو گھيٽڙو ڪهڻ واري جي اڳيان، يا ڪا رڍ اُن ڪترڻ واري جي اڳيان ماٺ ڪيو بيهندي آهي، تيئن هن بہ هڪ لفظ نہ ڪڇيو.
تنهنڪري جيڪو سياڻو آهي سو اهڙي وقت ماٺ ۾ گذاري ٿو، ڇاڪاڻ تہ اهو خراب وقت آهي.
سو اي بني اسرائيل! اوهين ڪنهن تي بہ اعتبار نہ ڪريو، توڙي جو اهو اوهان جو بهترين دوست ئي ڇو نہ هجي. اوهين هر ڳالهہ بيحد احتياط سان ڪريو، توڙي جو پنهنجي پياري زال سان ئي ڇو نہ ڳالهايو.
انهن کيس ڦاسائڻ لاءِ ائين چيو تہ جيئن مٿس تهمت هڻڻ جو سبب ملين. پر عيسيٰ نِوڙي زمين تي پنهنجيءَ آڱر سان لکڻ لڳو.